ڪراچي ۾ سينيئر صحافي وحيد گل کان ڦر،جوابدار فرار

بلوچ پل واري علائقي ۾ صحافي وحيد گل ميمڻ کان 2 ڦورو 40 هزار رپيا ڦر ڪري ويا

ڪراچي ۾ سينيئر صحافي وحيد گل کان ڦر،جوابدار فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ختم نه ٿيو، اڻ ڄاتل هٿياربند اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائي نڪرندڙ سينئرر صحافي وحيد ميمڻ نامعلوم هٿياربندن هٿان يرغمال، ڦرڪري فرار، ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد بلوچ پل واري ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ سينئر صحافي وحيد گل ميمڻ کي ٻن اڻ ڄاتل ڦورن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ سينيئر صحافي وحيد گل ميمڻ ٻڌايوته ٽيپو سلطان ٿاڻي جي حد بلوچ پل واري علائقي ۾ اي ٽي ايم تان پئسا ڪڍرائي جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته ٻن اڻ ڄاتل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن واقعي جي اطلاع ملڻ تي صحافي برادري ۾ تاء پکيڙجي ويو, صحافين پاران سنيئر صحافيء کان ڦر واقعي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان گهر ڪئي ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ جوابدارن کي پڻ وائکو ڪندي ڪڙي سزا ڏني وڃي ۽ قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.