پاڪستان ۽ انڊيا ڪرڪيٽ جي تاريخ تي نيٽ فلڪس جي تاريخي ڊاڪيومينٽري

سيد غلام مصطفي شاھ

پاڪستان ۽ انڊيا ڪرڪيٽ جي تاريخ تي نيٽ فلڪس جي تاريخي ڊاڪيومينٽري

نيٽ فلڪس (انڊیا) 7 فيبروري تي ڪرڪيٽ جي دنيا جي سڀ کان مشهور ۽ جذباتي مقابلن "انڊیا بمقابله پاڪستان" عنوان سان هڪ نئين دستاويزي فلم (ڊاڪيومنٽري) ريليز ڪئي آهي. هي ڊاڪيومنٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ راند جي ميدان ۾ ڏهاڪن کان لڳاتار تاريخي، ثقافتي، ۽ جذباتي رشتن کي اجاگر ڪري ٿي. هن پروجيڪٽ جو مقصد صرف ڪرڪيٽ تائين محدود ناهي، پر هن مقابلي جي پٺيان لڪيل ڪهاڻين، يادگار ميچن، ۽ ٻنهي قومن جي شائقين جي جذبات کي سامهون آڻڻ آهي.هن دستاويزي سيريز جي هدايتڪاري مشهور فلم ساز چندرديو ڀڳت ۽ اسٽيورٽ سيگ ڪئي آهي. پروڊڪشن جو ڪم Grimeter Entertainment ڪيو آهي، جنهن جي ڪري سيريز اعلي معيار جي ثابت ٿي آهي. هن ڊاڪيومينٽريءَ ۾ 1947ع کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي تعلقات، ڪرڪيٽ جي ذريعي ڳانڍاپو، ۽ سياسي لاهڻ چاڙهن جي اثرن کي ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڊاڪيومينٽري کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ 2007 جي T20 ورلڊ ڪپ فائنل، 2011 جي عالمي ڪپ سيمی فائنل، ۽ 2022 ۾ ملبورن جي يادگار مقابلي جهڙن ميچن جون جھلڪيون پيش ڪيون ويون آهن.هن دلچسپ ڊاڪيومينٽري ۾ تجزيه نگارن جا انٽرويو جن ۾ سچن تندولڪر، شاهد آفريدي، راہول ڊرويڊ، سارو گنگولي، وسيم اڪرم وقار يونس، شعيب اختر،جاويد ميانداد، انضمام الحق، وريندر سيهواگ سنيل گواسڪر،شيکر دَهون ۽ ٻين ڪرڪيٽ اسٽارز جا انٽرويو شامل آهن، جيڪي هن مقابلي جي جذبي جي گهرائي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ دلچسپ لمحا بيان ڪن ٿا جنهن سان ڊاڪيومينٽري کي چار چنڊ لڳيو وڃن. اها ڊاڪيومينٽري هڪ ڪلاڪ پنجيتاليهه منٽن تي مشتمل آهي، ڊاڪيومينٽري ۾ ڪرڪيٽ کان علاوه فلمن، ڊرامن، ثقافت، موسيقي، ۽ فنون سان ڳانڍاپو پڻ ڏيکاريو ويو آهي.هن ڊاڪيومينٽري ۾ جاويد ميانداد جو يادگار ڇڪو، شاهد خان آفريدي جون رانديگرن سان جهڙپون، عامر سهيل جو چوڪو هڻڻ کان پهريان اشارو ڪرڻ، شعيب اختر جو ڀريل گرائونڊ ۾ آڱر سان خاموشي جو اشارو ۽ هزارن جي گرائونڊ ۾ (pin drop silent) وسيم ۽ وقار جا يار ڪر هن ڊاڪيومينٽري ڏسندڙن کي جذباتي ڪري ڇڏي ٿي. مختلف ياد ميچن رانديگرن جي گرما گرمي خوف، خاموشي ڏسندڙن لاءِ هڪ وڏو تجسس پيدا ڪري ٿي.ڊاڪيومينٽري جي تحقيق لاءِ ٻنهي ملڪن جي پراڻن اخبارن، ۽ ڪرڪيٽ ادارن سان رابطو ڪيو ويو.پروڊڪشن ٽيم انڊيا ۽ پاڪستان جي شهرن (ممبئي، لاهور، دهلي، ڪراچي) جو دورو پڻ ڪيو ته جيئن عام شائقين جي جذبات کي ڪيمرا ۾ قيد ڪيو وڃي. انڊيا،پاڪستان ميچ جي ڏينهن ٻنهي ملڪن ۾ اسڪولن،آفيسن، ۽ بازارن جو سنسان ٿي وڃڻ، ڪرڪيٽ، موسيقي ۽ فلم ۾ مشهور گيتن جهڙوڪ "موقعہ موقعہ"(انڊیا) ۽ "دل دل پاڪستان"(پاڪستان) کي تھيم طور پڻ استعمال ڪيو ويو آهي.هي دستاويزي فلم کي 2025 جي آئي سي سي چيمپئنز ٽرافي ميچ جي ويجهو هئڻ ڪري رليز ڪيو ويو آهي ڇا ڪاڻ تہ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اهم مقابلو ٿيڻ جا ڀرپور امڪان آهن. جنهن ڏينهن پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ هوندي آهي تہ ميڊيا ويوور شپ جا پڻ نوان رڪارڊ قائم ٿيندا آهن ۽ تقريبن دنيا جي هر حصي ۾ اها ميچ ڏيکاري وڃي ٿي. نيٽ فلڪس جي اها ڪوشش ڪرڪيٽ جي ذريعي ٻنهي قومن جي وچ ۾ محبت ۽ مقابلي جي منفرد امتزاج کي سامهون آڻڻ ۾ هڪ ڪامياب ڪوشش آهي.جيڪڏهن توهان ڪرڪيٽ جا شوقين آهيو يا تاريخ ۾ دلچسپي رکو ٿا، ته هي دستاويزي فلم ضرور ڏسو.