سنڌ، جيڪا سڄي ملڪ جو معاشي بار پنھنجي ڪلھن تي کنيون اچي ٿي ،جتي هر سال اربن روپين جي زرعي پيداوار پيدا ٿئي ٿي، اتي هڪ ٻيو چئلينج سامهون اچي ٿو: هارين ۽ پورهيتن جي معيشت جو بحران. هي بحران صرف مالي ناهي، بلڪه اهو پاڻي، تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي انساني حقن تائين رسائي ۾ پڻ واضح طور تي موجود آهي. سنڌ ۾ زرعي ٽيڪس جو نظام هارين ۽ پورهيتن لاءِ هڪ سنگين مسئلو بڻجي ويو ۽ بڻجي چڪو آهي، جتي اڃا تائين انهن کي معاشي تنگي، قدرتي وسيلن جي ڪمي ۽ سماجي ناانصافي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
هڪ غريب هاري جيڪو سڄو سال پنهنجي زمين تي محنت ڪندو آهي، ان کي پنهنجن وسيلن ۽ آمدني جي بجاءِ، ٽيڪس جي ڳڻپ ڪرڻ ۾ وڌيڪ سختي ۽ دٻاءُ ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته هاريءَ کي پاڻيءَ جو بحران سامهون آهي، ان وقت تي ٽيڪس جو اضافو، ان جي زندگين کي محض تباهه ڪرڻ جو سبب آھي.
سنڌ ۾ زرعي ٽيڪس جو نظام، جيڪو گهڻو ڪري غريب هارين ۽ پورهيتن تي لاڳو ڪيو ويندو آهي، سماجي ناانصافي صورتحال کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جيئن ته سنڌ جو هاري وڏي مهانگي جاگيرداري ۽ زراعت تي مبني نظام ۾ گرفتار آهي، ان کي فصلن لاءِ مناسب پاڻي، مناسب زرعي اوزار، ۽ سستا قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان باوجود، انهن تي اڻ کٽ ٽيڪس لاڳو ڪري، انهن کي پنهنجي محنت جو سچو معاوضو حاصل ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو.
زراعت تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ ۾ سنئون سڌو فائدو وڏيرا شاهي ،۽ جاگيراري سسٽم کي ملندو .
زرعي ٽيڪس جو بوجھ صرف هڪ معيشت تي اثرانداز ناهي، بلڪه ان جو اثر سڌو سنئون پورهيتن جي صحت، تعليم ۽ زندگي جي معيار تي پڻ پوي ٿو. جڏهن هاري جي آمدني ۽ بچت جو سڌو تعلق ان جي زمين ۽ ان جي ڪم کان آهي، ان تي ٽيڪس لڳائڻ سان اها محنت ۽ محنتي طبقن جي معاشي آزادي محدود ٿي وڃي ٿي. ان سان گڏ، ان سان معيشتي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ٿو، جنهن سان انهن جي زندگي ۾ غربت، بي روزگاري، ۽ ٻين سماجي مسئلن جو اضافو ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ زرعي ٽيڪس جو نظام هڪ جاگيرداري نظام سان جڙيل آهي جنهن ۾ زراعت ۽ زمين جو مالڪ تمام طاقتور ۽ اثر رسوخ رکڻ وارو شخص آهي. جڏهن ته ان نظام ۾ هاري صرف هڪ محنتي فرد آهي، جيڪو فصل پوکي پنهنجي روزگار لاءِ اڻ کٽ محنت ڪندو آهي، ان کي پنهنجي محنت جو صحيح معاوضو ڏيڻ بجاءِ ان تي ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته غريب طبقو سڌي يا اڻسڌي طور تي عام واهپي جي شئين تي ٽيڪس ڀريندڙ آھي جيڪو ڪنھن بہ سرڪاري ليکي۾ ڪونھي. ھنن نون ٽيڪسن سان جاگيردار طبقو وڌيڪ فائدن ۾ رهندو ، جڏهن ته هاري ۽ پورھيت پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ وڌيڪ آزروند ٿيندو.
اڄ جي دور ۾، جتي سموري دنيا م سماجي انصاف ۽ برابر حقن جي ڳالھ کي ڏسڻ کي اهميت ڏني وڃي ٿي، اتي سنڌ ۾ زرعي ٽيڪس جو نظام غريب طبقي لاءِ هڪ ٻئي ظلم کان گهٽ ناهي. جڏهن هڪ طرف هاري پاڻي، زرعي اوزار، ۽ مناسب وسيلن جي فراهمي لاءِ جنگ ڪندو رھي ٿو ، ته ٻي طرف ان تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان ان کي وڌيڪَ معاشي ۽ سماجي طور تي ڪمزور ڪيو وڃي ٿو.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته زرعي ٽيڪس جو نظام غريب طبقي جي ڀلائي ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن ان کي عوامي فلاح ۽ مساوات جي بنيادن تي ترتيب ڏنو وڃي. حڪومت کي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کان اڳ، هارين ۽ پورهيتن جي زندگي ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ ۽ انهن کي تعليمي، صحت، ۽ زرعي وسيلن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌ ۾ هارين تي ٽيڪس جو ظلم نه صرف انهن جي معاشي حالت کي متاثر ڪري ڪندو ، بلڪه ان سان پورهيتن جي زندگي جا تمام بنيادي حقن تي به سوال اٿن ٿا ؟جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سماجي انصاف ۽ ترقي جي جڳهه تي هاري طبقو پنهنجي زندگي ۾ بهترين تبديلين جو تجربو ڪري، ته ان لاءِ لازمي آهي ته زرعي ٽيڪس جو نظام تبديلي ۾ اچي، ۽ ان کي غريب طبقن جي حمايت ۽ فلاح ۾ تبديل ڪيو وڃي.
1 تبصرے
Danish Channa