ٿر ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٽنھي ديھن جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران ٻارڙن سميت ڌرڻو هنيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ تعلقي جي ٽن ديھن ھوڙينگو، لپلو، ٻانھياري جي 14 ھزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ ليمٽيڊ حوالي ڪري ڇڏڻ ۽ 1 لک 90 ھزار ايڪڙ زمين ڏيڻ جي حوالي سان تياري شروع ڪرڻ خلاف ٿر ايڪشن ڪميٽي جي سڌ تي ٽنھي ديھن جي مختلف ڳوٺن کوکراپار، عبدالله رامڏيو، جيسليار، لپلو، سومون سمان، لڌار، دٻو، جالو چونئرو، واصل ٻاھ ۽ ٻين ڳوٺن جي رھواسين عبدالخالق سمون، غلام مجتبيٰ سومرو، گلشير، امان الله راھمون، مگھن سمون، اميد علي سومرو، عيدل سومرو، مجيد سمون، الياس سمون، دين محمد نھڙي، جبار سومرو، حيات سميجو ۽ ٻين پاران ڳوٺ جالو چونئرو ۾ احتجاجي تحريڪ جي حوالي سان گڏجاڻي ڪري پلي ڪارڊ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ عمرڪوٽ تعلقي جي ٿر جي واري زمين ڪارپوريٽ فارمننگ لاءِ پرائيويٽ ڪمپني کي ڏيڻ علائقي واسين سان ناانصافي آھي، زمين ڪمپني کي ڏيڻ بجاءُ علائقي واسين کي مالڪاڻہ حق ڏئي زمين انھن حوالي ڪري ڪينال ڪڍي سھولتون فراھم ڪيون وڃن تہ ان کان وڌيڪ اپت حاصل ڪري سگھجي ٿي، اسان ٿر واسين کي خبر آھي تہ ٿر جي زمين ۾ ڪھڙو فصل ٿيندو اھو ڪيترو ٿي سگھي ٿو، ٿر واسين کي دربدر ڪري ڌارين کي ھتي آباد ڪرڻ نہ ڏينداسين، اسان جو گذر سفر چوپائي مال ۽ ھتان جي زمين تي آھي چوپائي سبب ساليانہ ٽنن جي حساب سان گوشت، کير ۽ فصل مارڪيٽ ۾ پھچن ٿا جيڪو فائدو سرڪار کي بہ ٿئي ٿو، جيڪڏھن زمين ڪمپني حوالي ٿي تہ ڳئوچر ختم ٿي ويندا جنھن سبب چوپايو مال ختم ٿي ويندو، زمين تي فصل نہ پوکڻ سبب بيروزگاري وڌي ويندي اسان ٿري ماڻھو دبدر تي وينداسين، ھنن چيو تہ اسان پھرين مرحلي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري چونڊيل نمائندن کي ياداشت نامون ڏئي ڇڏيو آھي، اسان ياداشت نامي ۾ لکيو آھي تہ ٿر جي زمينن جي ليز رد ڪري ٿري ماڻھن حوالي ڪئي وڃي، اسان انھي زمين کي بچائڻ خاطر ڪراچي کان اسلام آباد تائين احتجاجي تحريڪ ھلائي زمين واپس ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، سنڌ سرڪار پنھنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪري ٿري ماڻھن کي دربدر ٿيڻ کان بچائي.
0 تبصرے