English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شھيد فاضل راهو ساھ جي آخري ھڏڪي تائين قوم وطن سنڌ سان وفادار رھيو: اياز لطيف پليجو
views
|
16th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران شھيد فاضل راھو جي 38 ورسي اڄ ملھائي ويندي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ پاران شھيد عوام فاضل راھو جي 38 ورسي سڀاڻي (اڄ) سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شھيد عوام فاضل راھو جي ڪيل جدوجهد تي روشني وجھندا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاضل راهو ساھ جي آخري ھڏڪي تائين قوم وطن سنڌ سان وفادار رھيو، سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف وڙھندو رهيو نيلام بند ڪريو تحريڪ ھجي، ون يونٽ ختم ڪريو. 4 مارچ. سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو. صحافين جي جدوجهد. 83 ۽ 86 تحريڪون ھجن انھن سڀني جدوجھدن ۾ شھيد فاضل جو ڪردار شاندار رھيو. اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي تہ آئي ايم ايف جي چوڻ تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي. روزانو آئي ايم ايف جي خنجر سان عوام کي ماريو پيو وڃي. حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. حڪومت مھانگائي ختم ڪري عوام تي رحم ڪري. آئي ايم ايف جي حڪم تي عوام جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. ائين نہ ٿئي تہ غربت ۽ بيروزگاري جا ماريل ماڻھو سريلنڪا وانگر حڪمرانن کي اقتدار کان ٻاھر ڪڍي ڇڏين. اياز لطيف پليجو چيو تہ پيٽروليم مصنوعات جون واڌيل قيمتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن. پيٽرول جون قيمتون وڌائي عوام جي وات مان ماني جو گرھ کسيو پيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جا اربين ڊالر ملڪ ۾ واپس آندا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڏوڪري ۾ ملير جي سينيئر صحافي جي زمين تي مبينا قبضو، 2 ڀائر ۽ هڪ سئوٽ گرفتار
29th Jul 2025
•
تازہ ترین
ہمارے خاندان کے ساتھ بہت بڑا ظلم ہوا ہے، اسٹیبلشمنٹ سے کسی ڈیل کے تحت سامنے نہیں آیا ہوں: جونیئر ذوالفقار
29th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ھالاڻي پير بنا اڌوري آ ..!
29th Jul 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب میں موٹر رجسٹریشن کیمپ میں صحافیوں کی غیر معمولی دلچسپی
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ايس پي ايس سي کي ڪرپشن جي منڊي بڻائي نوجوانن کان اميد کسي وئي : اياز لطيف پليجو
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ 5 منشيات فروش گرفتار، آئيس، چرس ۽ سفينا هٿ
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور پوليس هٿان 3 ڏوهاري مارجي ويا، 3 زخمي، هڪ اهلڪار اغوا بعد بازياب
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ ڀنڀو ڳوٺ ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، زال مڙس معصوم پٽ سميت قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
حيدرآباد
0 تبصرے