سجاول شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار

شھر ۾ 5ڏينهن کان پاڻي جي سپلاءِ بند ٿيڻ ڪري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون: شهري

سجاول شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ هئڻ سبب شهري پريشان، سجاول شھر ۾ پنجن ڏينهن کان پاڻي جي سپلاءِ بند ٿيڻ ڪري شهري پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا آھن شھري .جواد عزيزميمڻ.نعيم الله ميمڻ. ڪامريڊاوميس ديشي.احسان الله. حاجي مير بحر، گلزار کٽي، غلام مصطفيٰ شاه ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ضلع انتظاميه جي نااهلي سبب واٽر سپلاءِ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري تلاءُ سڪي پٽ ٿي ويا آھن جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي فراهمي بند ٿيڻ ڪري شھر جي 11 وارڊن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آھن، ننڍا وڏا ٻار ڏوراهن علائقن توڙي ڳوٺن ۾ پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آھن، مسجدن ۾ به نمازين جي وضو لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي، شھرين وڌيڪ چيو ته ضلع انتظاميه پاڻي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري شھرين کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. شھرين ڊي سي سجاول کي مطالبو ڪندي چيو ته واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پاڻي پهچائي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي.