English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي خلاف پنجين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو
views
|
01st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
محمد يونس راڄپر، خادم سيال، سڪندر ڪلھوڙو، فقير ميهر علي بهڻ ۽ ٻين احتجاج ڪيو
نوشهرو فيروز (ڊ ر) نوشهرو فيروز ۾ گندگي خلاف 5 ڏينھن ميونسپل آفيس ء پریس کلب جي سامهون احتجاج ڪيو ويو، شھر جي مختلف علائقن پڊعيدن روڊ، اسٽيشن روڊ، مٺياڻي روڊ، مورو روڊ، شاھي بازار، ڪاليج روڊ کان علاوه پريس ڪلب ۽ ميونسپل آفيس سامھون به بيٺل گندو پاڻي بيٺل، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ميونسپل آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال مھر وسطڑو، سڪندر ڪلھوڙو، فقير ميهر علي بهڻ، فرھاد غنی، ڌرتي ڌڻي تحريڪ اڳواڻ دين محمد تڳر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن جنهن سبب نوشهروفيروز جا شهري، معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر افسوس انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهروفيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي ڦٻائي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻي جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان ۾ قبرستانن جي حالت زار – هڪ قومي الميو
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪينسر جو هڪ اهم ڪارڻ پلاسٽڪ
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ نيون ٽيڪسون
11th Jun 2025
•
سندھ
نئے مالی سال کاوفاقی بجٹ صنعتی شعبے کیلئے فائدہ مند نہیں،یونائٹیڈ بزنس گروپ
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان ۾ قبرستانن جي حالت زار – هڪ قومي الميو
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪينسر جو هڪ اهم ڪارڻ پلاسٽڪ
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ نيون ٽيڪسون
11th Jun 2025
•
سندھ
نئے مالی سال کاوفاقی بجٹ صنعتی شعبے کیلئے فائدہ مند نہیں،یونائٹیڈ بزنس گروپ
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
Advertisement
0 تبصرے