سنڌي ادبي سنگت ملير جي دستوري گڏجاڻي شاعر عبدالله آس هنڱورو جي صدارت هيٺ ٿي گذري

درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: مقرر

سنڌي ادبي سنگت ملير جي دستوري گڏجاڻي شاعر عبدالله آس هنڱورو جي صدارت هيٺ ٿي گذري

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ شاعرن، اديبن، صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين کي گڏيل طور تي جدوجهد ڪرڻي پوندي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ۾ اديبن ڪيو، انهن چيو ته ڌرتي تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو آهي ته سنڌ جي اديبن پاڻ ملهايو آهي پاڻي واري معاملي تي به خاموش نه ويهبو سنڌي ادبي سنگت به جدوجهد جي ميدان تي هوندي، سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي بنا تنقید جي سنڌ جي خوبصورت شاعر عبدالله آس هنڱورو جي صدارت ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ سنڌ جي قومي عوامي ۽ رومانوي شاعر غفور شاهه، نامياري براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر سڪندر سرواڻ، امتياز دانش، قمبر ٻٽ، جمشيد زهراڻي، مجيب سنڌي، اصغر مھرائي، سينيئر صحافي سامي ميمڻ، عنايت شاهه، طارق جان سهتو ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ليکڪن پنهنجي نڪور شاعري ۽ ڪالم پيش ڪيا، گڏجاڻي ۾ طئه ڪيو ويو ته ايندڙ آچر تي شاخ ملير جون ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وينديون.