English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
179 views
|
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
قبضا 2009ع ۾ شروع ٿيا، جڏهن سيڪٽر 30 تي قبضي بعد ان کي “در محمد ڳوٺ” جو نالو ڏنو ويو: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (MDA) جي اسڪيم 25 جا رهواسي گذريل 15 ورهين کان لينڊ گريبرز ۽ ڀٽي خورن جي عذاب ۾ مبتلا آهن علائقي واسين گذريل ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پلاٽن تي قبضا ۽ ڀٽي خوري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪجهه حڪومتي عنصرن جي پشت پناهي سبب انهن گروپن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي ويا آهن متاثرين موجب قبضا 2009ع ۾ شروع ٿيا، جڏهن سيڪٽر 30 تي قبضي بعد ان کي “در محمد ڳوٺ” جو نالو ڏنو ويو. شهري اعليٰ عدالتن سان رجوع ڪيو، جتي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا انهن ڳوٺن کي جعلي قرار ڏئي خالي ڪرائڻ جا حڪم ڏنا، پر افسوس جو عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿي سگهيو رهواسين الزام هنيو ته ڀتو نه ڏيڻ تي کين قتل جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، ۽ جيڪڏهن ڪو مالڪ پنهنجي پلاٽ تي تعمير شروع ڪري ته رات جي اوندهه ۾ ديوارون ڪيرائي ڇڏيون وڃن ٿيون ۽ هٿياربند ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا وڃن ٿا متاثر شهري سرفراز آرائين ٻڌايو ته 21 سيپٽمبر 2025ع تي جڏهن هن پنهنجي ڪمرشل پلاٽن (5758-SC، سيڪٽر B-30) تي تعمير شروع ڪئي ته ان کان 10 لک رپيا ڀتو گهريو ويو ۽ قتل جي ڌمڪي ڏني وئي شاهه لطيف ٽائون جي رهواسين سنڌ حڪومت، ڊي جي ايم ڊي اي، ڊي سي ملير، ايس ايس پي ملير۽انڪروچمينٽ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته لينڊ گريبرز ۽ ڀتو خور مافيا خلاف فوري ۽ مؤثر ڪارروائي ڪئي وڃي.عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي سڀ غير قانوني قبضا ختم ڪيا وڃن.شهريَن جي پلاٽن، گهرن ۽ جان و مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي علائقي واسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هاڻي به عملي قدم نه کنيو ته علائقي ۾ ڪنهن وڏي تصادم جو خطرو وڌي سگهي ٿو، جنهن جي سڄي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قبضا 2009ع ۾ شروع
ملير: شاهه لطيف ٽائون واس
0 تبصرے