English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي نون ڪئنالن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف بک هڙتال
views
|
19th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ سنڌ جي دل آھي، حڪمران سنڌ جي دل ڪڍي رھيا آھن، دل کانسواءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي: اڳواڻ
حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪرپشن، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي مرڪزي صدر زينت سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي صدر رفيعہ پليجو، جنرل سيڪريٽري روشناس پٺاڻ، شازيہ احمداڻي، ريشما گوپانگ، امير زادي برھماڻي، عذرہ رند، فرحانه سولنگي، ساجده ابڙو، شائسته ابڙو، بختاور چنڊ ڪئي. احتجاج ۾ سينيئر صحافي نعمت کهڙو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، نذير بليدي، امداد پنھور، رب ڏنو ملڪ، آغا عباس ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جي دل آھي. شھباز شريف ۽ آصف زرداري سنڌ جي دل ڪڍي رھيا آھن. دل کانسواءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ ڪروڙين انسان آھستي آھستي اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. اهو سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو انسان دشمن منصوبو جوڙيو ويو آھي. پنجاب سنڌو درياھ کي قيد ڪري رھيو آھي. وفاق ڀڌائي تہ توھان کي ڪئنال کپن يا پاڪستان کپي. پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. پورھيتن جا ٻار اعلي تعليم ۽ نوڪرين کان محروم آھن. ڪوئلو ڪڍڻ وقت چيو ويو تہ ٿر بدلي کان پاڪستان پر ھاڻ ٿر جي بجلي مان پنجاب ۾ 200 يونٽ فري ڏني وڃي ٿي پر ٿرپارڪر جا ھزارين ڳوٺ بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن. ڪوھستان، ڪراچي، ساحلي پٽي سميت وڏن شھرن جون زمينون وزيرن ۽ لينڊ مافيا جي قبضي ۾ آھن. سنڌ ۾ بلاول زرداري ۽ پ پ عوام کي بيوقوف بنائي رھيا آھن، سنڌ دشمن منصوبو جوڙيندڙ آصف زرداري فوري طور تي استعفي ڏي. سنڌ جي مفادن خلاف ڪو بہ فيصلو يا منصوبو قبول ناھي. سنڌ جي عورتن کي پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ نياڻين سان گڏجي پنھنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو چيو تہ سنڌو ڌريا جيڪو اسان جو وجود آهي سنڌ جي زندگي جو اهم ترين سرچشمو آهي اهو نہ رڳو زرعي پيداوار لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو پر اسان جي زندگي جو واحد ذريعو آهي جنهن تي بند ٻڌا پيا وڃن، جنهن مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي اسان جو وجود ختم ڪيو پيو وڃي سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ معني سنڌ جو ساھ ڪڍڻ جي سازش آهي. جيڪڏهن اسان اڄ نہ اٿياسين، تہ سڀ ڪجھ هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو رڳو آبادگارن جو ناھي، ھي ھر شھري جو مسئلو آھي، سنڌ کي جي ڪو ٿورو گھڻو پاڻي ملي ٿو اھو بہ بند ٿي ويندو. سنڌ ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي ويندي. صرف سوشل ميڊيا تي دانھڻ سان، مايوسي ۽ ڊپريشن پکيڙڻ سان مسئلا حل ڪون ٿيندا. سنڌياڻي تحريڪ درياھ تي ڌاڙي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آھي. اسين خاموش نہ ويهنداسين.قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو تہ وفاق ۽ پ پ حڪومت سنڌ کي 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. ترقي بدران بک، بدحالي ۽ بيروزگاري ڏني وئي آھي. سنڌ جي معيشت زراعت کي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو آھي. سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ ھر دور ۾ درياھ لاءِ جنگ جوٽي آھي. سنڌ جو 7 ڪروڙ عوام ڪنھن بہ ريت پنھنجي درياھ کي ڀڙڀانگ ٿيڻ نہ ڏيندو. پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار خاطر سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھي آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪرڻ سنڌ تي قاتل حملو آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي دادلي درياھ لاءِ رستن تي اچي رھيا آھن. حڪمران ھوش کان ڪم وٺن نہ تہ انھن جا رستا بند ٿي ويندا. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو ڪروڙين ماڻھن کي اڃ مارڻ ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بنائي سنڌ کي معاشي طور قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناھي. سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل روشنا پٺاڻ چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کان اٽو، لٽو ۽ اجھو کسيو آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ڌاڙيل واھ ٺھي ويا تہ سنڌ بنجر ۽ کنڊر بنجي ويندي. سنڌ ۾ زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي نہ تباھي آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت بدحال آھي.سينيئر صحافي نعمت کهڙو چيو تہ سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ امير زادي برھماڻي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نظير بليدي چيو تہ آصف زرداري سنڌ جي قيمت ادا ڪري حڪومت ورتي آھي. سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿين ۽ ٻڌائين تہ انھن کي ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻو آھي سنڌ جي خوشحالي جو يا سنڌ جي تباھي جو. درياھ سان سنڌ آھي ۽ ملڪ آھي. وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي سنڌ دشمن منصوبا جوڙڻ بند ڪن..سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر امداد پنھور چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. فصل لھڻ کانپوءِ اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھي پ پ وزير ۽ وڏيرا کنيو وڃن. ننڍن آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي. جيڪڏھن سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺھي ويا تہ ڪنھن کي بہ پاڻي نہ ملندو. سنڌياڻي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ شازيہ احمداڻي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو درياھ تي ڌاڙي، ڪرپشن، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏين. اسين جدوجھد جي ميدان تي آھيون. سنڌياڻي تحريڪ ھر دور ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شاھراھ ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ ترقي ۽ عوامي سھولت ۾ پنھنجو ڪردار شروع ڪري ڇڏيو آھي: سمعتا افضال سيد
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سالياني چونڊ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران پٽ سميت ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
سنڌياڻي تحريڪ
سنڌو درياھ
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے