شڪارپور ۾ بدامني خلاف عوامي انقلاب ۽ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي مارچ ۽ ڌرڻو

وڏي انگ ۾ مظاهرين پاران شھر جو گشت ڪرڻ بعد لکيدر گھنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو

شڪارپور ۾ بدامني خلاف عوامي انقلاب ۽ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي مارچ ۽ ڌرڻو

شڪارپور(احسان ابڙو )شڪارپور ضلعي ۾ بدامني جي راڪاس خلاف عوامي انقلاب,سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي ماڻهوَ روڊن تي نڪري آيا,احتجاجي مارچ,شھر جو گشت,لکيدر گھنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو,امن زنده باد جا نعرا,چونڊيل نمائندا بدامني جا ذميوار قرار,نااھل ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو,پوليس وفد پھتو,مظاھرين سان ڳالهين بعد ڌرڻو ختم,رپورٽ موجب:شڪارپور ضلعي اندر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ راڪاس بدامني خلاف نيٺ عوامي انقلاب اچي ويو آهي ۽ سنڌ صحافي اتحاد ضلعي شڪارپور طرفان "اسين گھرون ٿا امن" جي نعري سان اعلانيل احتجاج تي ضلعي جا بدامني سٽيل ماڻهوَ روڊن تي نڪري آيا ھئا,ان سلسلي ۾ مختلف سياسي,سماجي,مذھبي,ادبي,وڪيل ۽ نوجوان تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن توڙي صحافين جھاز چوڪ وٽ پھچڻ بعد سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ جاويد راھوجو جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا جماڻي حال,الله واري چوڪ ۽ ون فاء کان ٿيندي شھر جي دل لکيدر گھنٽا گهر چوڪ وٽ پھتي جتي ڌرڻو ھڻي چونڊيل نمائندن ۽ نااھل ايس ايس پي شڪارپور خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي,سنڌ صحافي اتحاد,امن وارا جھنڊا ۽ بينر کنيل نوجوانن طرفان امن زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا,ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ جاويد راھوجو,رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو,اي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ رشيد سڌايو,شڪارپور جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن الاهي بخش شيخ,ميان ظفر علوي,ايڊووڪيٽ ظفر چنا,ھمير چانڊيو,ايڊووڪيٽ علي اصغر پھوڙ,ايڊووڪيٽ حسين بخش بروھي,عبدالسميع ڀٽي,عمران منگي,ڪامريڊ اسد سومرو,عبدالوھاب ڪاغذي,زاھد حسين پھوڙ,سلطان رند,اعجاز ڪاڪيپوٽو,نور نبي راھوجو,فضل الله نوناري,ذوالفقار مڱسي,احسان جيھو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سرڪار طرفان ٺھيل اسٽريڪچر عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيل آهي ڇو ته ماضي ۾ شڪارپور ضلعي اندر امن جا پکي اڏامندا ھئا پر وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھن وقت بيحس چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ نااھل ايس ايس پي جي ڪمزوري سبب ڪٿي به قانون جي حڪمراني نظر نٿي اچي جنهن سبب ضلعي جي چئو طرف قبيلائي دھشتگردي,بدامني ۽ ڪاروڪاري جي آڙ ۾ بيگناھ ماڻهن جو قتلاعام ٿي رھيو آهي ۽ ضلعو مڪمل طور ڏوھارين ۽ بنگلن ھٿان يرغمال بڻجڻ ڪري لاش پيا ڦرجن ۽ عورتن جون تذليلون ڪيون پيون وڃن,ھنن چيو ته وقتن به وقت ڀوتارن جي مرضي سان مقرر ٿيندڙ آفيسرن شڪارپور ضلعي ۾ جوا,منشيات ۽ ڏوھارين سان ڳٺ جوڙ ڪري رڳو مال ڪمايو آهي پر عوام ڏوھارين ۽ بدمعاشن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي جنهن سبب ايس ايس پي فيضان علي جي مقرري دوران ڇھن ماڻهن کي ڦر مزاحمت دوران قتل ڪيو ويو آهي ۽ پنجن مھينن دوران ويھ کان وڌيڪ برادرين ۾ ھلندڙ قبيلائي دھشتگردي سبب 50 کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد قتل ٿي چڪا آهن ان کان علاوه پنج سئو کان وڌيڪ چورين,ڦرون ۽ ڌاڙن جون وارڌاتون ٿيون آهن پر پوء به نااھل ايس ايس پي شڪارپور سڀ ڪجهه ٺيڪ ھجڻ جا گيت ڳائي رھيو آهي,ھنن چيو ته پوليس کي سڀ خبر آهي ته چور ڪير ۽ ساد ڪير آهي تنهن ڪري شڪارپور جا امن پرست ماڻهوَ ھتان جي مفاد پرست چونڊيل نمائندن,ڀوتارن ۽ نااھل ايس ايس پي کان مطالبو ٿا ڪن ته قانون جي حڪمراني قائم ڪري,ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪري عوام کي تحفظ ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو اڃان به وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ پوليس آفيسرن خلاف ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي,ان موقعي تي ايس ايس پي طرفان ڊي ايس پي ھيڊڪواٽر انور شيخ ۽ ڊي آء بي انچارج سيد شاھ جھان شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم اماڻي وئي جن مظاھرين سان ڳالهيون ڪري ھر حال ۾ امن بحال ڪرائڻ جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو,ڌرڻي ۾ شڪارپور پريس ڪلب جي صدر رحيم بخش جمالي,سينيئر صحافي الطاف لاڙڪ,سڪندر راھوجو,عاجز ڀٽو,عزيز شيخ,گلزار سيٺار,غلام رسول جتوئي,مير اسلم مڱسي,نويد دل,طيب انقلابي,عامر جوڳي,ديدار بلوچ,ابرار چانڊيو,سراج پھوڙ,الھداد شر,طاھر جان ڀٽو,فھد شھزاد سولنگي,سيد نفيس شاھ,راجا سومرو,احسان ميمڻ, محمد حيات جيهو ، فريد ٽانوري ، عبدالباسط ٽانوري ، مظھر کوهارو ، منير مغل ، سعيد ڪنڌر ، سعيد سومرو ، ذاڪر جوڻيجو ۽ نعمت الله ميراڻي سميت شڪارپور بچايو تحريڪ,قومي عوامي تحريڪ,جسقم,جسم,اين پ پ,پي ٽي آء,جي يو آء,تحريڪ لبيڪ پاڪستان,شڪارپور شعور جنون ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.