English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اهتمام هيٺ خوراڪ جي عالمي ڏينهن تي آگاهي ريلي ڪڍي وئي
views
|
15th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ فوڊ اٿارٽي جو ملاوٽ تي زيرو ٽالنرنس آهي ۽ مدي خارج خوراڪ جي وڪري کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو: مزمل حسين هاليپوٽو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ فوڊ اٿارٽي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن، فوڊ بزنس جي نمائندن، اين جي اوز، سرڪاري ادارن ۽ زرعي برادري جي نمائندن سان گڏجي ڪراچي ۾ عالمي يوم خوراڪ 2024 ملهايو ۽ آگاھي ريلي ڪڍي. هن سال جو موضوع "بهتر زندگي ۽ بهتر مستقبل لاءِ خوراڪ جو حق" هو، جيڪو ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو ته هر ماڻهو کي مناسب، غذائيت سان ڀرپور ۽ محفوظ خوراڪ تائين رسائي حاصل هجي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽي چيو ته خوراڪ جي سلامتي ۽ بک خلاف جنگ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي صوبي جي سڀني ضلعن ۾ خوراڪ جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي ۽ آگاھي مهم ذريعي عوام کي صحت مند غذا ۽ خوراڪ جي صفائي جي اهميت کان واقف ڪيو پيو وڃي. مزمل حسين هاليپوٽي وڌيڪ چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ تحت ڪو به فوڊ بزنس سنڌ فوڊ اٿارٽي جي لائسنس کان سواءِ ڪرڻ غير قانوني آهي. اسان فوڊ اٿارٽي کي فعال ڪيو آهي ۽ پهرين انساني وسيلن تي ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته انسپيڪشن ۾ اضافو ڪيو آهي ته جيئن صفائيءَ جا معيار يقيني بڻايا وڃن ۽ غير معياري خوراڪ تي ڳرا ڏنڊ لڳايا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڪيميڪل ملاوٽ واري کير خلاف سنڌ جي سمورن علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ اسان هڪ مهيني ۾ 9 هزار کان وڌيڪ دڪانن جو معائنو ڪيو آهي. فوڊ بزنس ڪندڙ سڀني ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي سنڌ فوڊ اٿارٽي کان لائسنس حاصل ڪن. اٿارٽي هن مهيني 5 هزار کان وڌيڪ لائسنس جاري ڪيا آهن. ڊائريڪٽر جنرل وڌيڪ چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ملاوٽ تي زيرو ٽالنرنس آهي ۽ مدي خارج خوراڪ جي وڪري کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، ڳرا ڏنڊ لڳايا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گهڻن صوبن واري رٿا سنڌ جي بقا ءَ سلامتيءَ وحدانيت ۽ وجود تي وار
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي پورهيتن جون رهتون ڏيڻ لاءِ 2 ارب 87 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ترقي جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي: اياز لطيف پليجو
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت ۾ ٽائون ڪميٽي مٺياڻي ۾ اجلاس
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مزمل حسين هاليپوٽو
سنڌ فوڊ اٿارٽي
ڪراچي
0 تبصرے