ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي

ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ڪينٽ چيڪ پوسٽ نمبر 6 ويجهو گلشنِ عمير ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب پيش آيل حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار هڪ شهري فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو شخص سخت زخمي ٿي پيو۔پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيل شهري جي سڃاڻپ حيدر جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پيشِي جي لحاظ کان سيڪيورٽي گارڊ هو۔ زخمي شخص کي فوري طور طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس واقعي بعد ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊمپر جي ڪلينر کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔ جڏهن ته ڊمپر جو ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڇاپا هنيا پيا وڃن واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪاروائي جاري آهي۔