English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ صحافين جي تحفظ، خطرن ۽ اظھار جي آزادي بابت تربيتي ورڪشاپ منعقد
views
|
28th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ صحافين جي تحفظ، خطرن ۽ اظھار جي آزادي بابت تربيتي ورڪشاپ منعقد
نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهروفيروز ۽ نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي تعاون سان صحافين جي تحفظ، خطرن ۽ اظھار جي آزادي بابت صحافين جو ھڪ ڏينھن وارو تربيتي ورڪشاپ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ٿيو. ان موقعي تي سينئر صحافي ۽ پي ايف يو جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي چيو ته صحافين لاءِ ھي وقت ضياءُ جي مارشلا کان وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويو آھي. ڇاڪاڻ ته مارشلائن جي دور ۾ صحافين کي پڪڙي جيل جون سزائون ڏنيون وينديون ھيون جا وڙي ڪوڙا وسايا ويندا ھئا پر ھاڻي صحافين کي سزا ڏيڻ لاءِ قتل ڪري سندن زندگي ئي کسي وڃي ٿي. صحافي ڪنھن بہ طرح محفوظ ناھي رھيو. اظھار جي آزادي تي پابندي لڳل آھي. سماج مان برداشت ختم ٿي وئي آهي. نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽس جي صدر زاھد قائمخاني چيو ته صحافين کي صحت، لائف انشورنس ۽ سيڪيورٽي جھڙن مسئلن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. خبر ڏيڻ تي ڪيسن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. مقتول صحافين جي ٻارن جي حڪومت مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. حڪومت صحافي جي ٻارن لاءِ ويلفيئر پاليسي آڻي ته جيئن انھن جي زندگي بھتر ٿي سگھي. پريس ڪلب نوشهروفيروز جي جنرل سيڪريٽري ساگر سھيل منگي چيو ته صحافين کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آھي. ڇاڪاڻ ته صحافين جي تربيت نه ٿيڻ جي ڪري انھن سان مسئلا پيش اچن ٿا. ٽي ڊي اي اي جي نمائندي سيد عبدالحد چيو تہ اسان ملڪ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ صحافين لاءِ تربيتي ورڪشاپ ڪرايا آھن ته جيئن صحافي پنھنجون ذميواريون بھتر نموني نڀائي سگھن. ورڪشاپ کي صحافي ۽ اديب زاھد راڄپر، مظھر خاصخيلي ۽ خطاب ڪيو. جڏھن ته گھوٽڪي جي صحافين نصرالله گڏاڻي، محمد بچل گھنڃو، سکر جي صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th May 2025
•
سندھ
ایف پی سی سی آئی کے وفد کی امریکی سرکاری تجارتی ایجنسیوں سے اہم ملاقات
14th May 2025
•
سندھ
حیدرآباد کی معروف سماجی شخصیت سرجن ڈاکٹر پرویز رئیس خان کی جانب سے بون کیئر ہسپتال میں ایک تقریب منعقد
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
15th May 2025
•
سندھ
ایف پی سی سی آئی کے وفد کی امریکی سرکاری تجارتی ایجنسیوں سے اہم ملاقات
14th May 2025
•
سندھ
حیدرآباد کی معروف سماجی شخصیت سرجن ڈاکٹر پرویز رئیس خان کی جانب سے بون کیئر ہسپتال میں ایک تقریب منعقد
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
پريس ڪلب
0 تبصرے