English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
8فيبروري چورن، لٽيرن، سنڌ لٽيندڙ ۽ تباھ ڪندڙ جي ناڪامي جو ڏينھن ھوندو: اياز لطيف پليجو
views
|
29th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
8فيبروري چورن، لٽيرن، سنڌ لٽيندڙ ۽ تباھ ڪندڙ جي ناڪامي جو ڏينھن ھوندو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا اياز لطيف پليجو جي حق ۾ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي تہ اياز لطيف پليجو سنڌ جو ھيرو ۽ ست ڪروڙ سنڌين سگھارو آواز آھي اياز لطيف پليجو سدائين سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي 8 فيبروري تي اياز لطيف پليجو کي ايوان ۾ پھچائينداسين ان موقعي تي اسماعيل وساڻ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قمر زمان راڄپر، پنھل ساريو ،ڪاشف صديقي پڻ موجود هئا. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي اميدوار اياز لطيف پليجو کي واڻڪي وسي ڀرسان اڪرام شاھ پاران آجياڻو ڏنو ويو، اڪرام شاھ حمايت جو اعلان ڪندي ووٽ ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. حر ڪئمپ ۾ گھر گھر ۽ دڪانن تي پيادل وڃي اليڪشن ورڪ ڪيو ان موقعي تي رھواسين ۽ واپارين اجرڪن جا تعفا ڏنا ۽ گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ٻئي پاسي ھاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام جي طاقت، سان ڌانڌلي ٿيڻ نہ ڏينداسين 8 فيبروري چورن، لٽيرن، ڪرپٽ سنڌ لٽيندڙ ۽ تباھ ڪندڙ آصف زرداري ٽولي ۽ پيپلزپارٽي جو خاتمو ۽ سنڌ جي عوام جي ڪاميابي جو ڏينهن ھوندو.گذريل پندرهن سالن دوران قاسم آباد سميت سڄي سنڌ کي عذاب، تڪليفن، مصيبتن کان سواءِ ڪجھ بہ ناهي ڏنو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي مان بيزار ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽي، زرداري مافيا سنڌي ماڻهن کي پنھنجو نوڪر سمجهي ٿي ھنن کي سنڌ سان ڪا بہ محبت ۽ دلچسپي ناهي، ھي سوداگر آھن. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء عوام دوستي جا خوبصورت نعرا هڻي عوام کي بيوقوف بڻائي اقتدار حاصل کانپوءِ عوام کي بي يارومددگار ڇڏي، پنج سال غم ٿي ويندا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ زرداري ٽولي گذريل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ مان کربين روپيا ڪرپشن ذريعي لٽي دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جا وسيلا لٽي، ڦري سنڌ جي عوام کي پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي،ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. ڪروڙين ماڻھو بنيادي انساني حقن ۽ سھولتن کان محروم آهن. نامياري قانوندان ماما يوسف لغاري چيو تہ اياز لطيف پليجو سنڌ جو حقيقي آواز آهي ھاڻي ھن جو آواز اسيمبلين ۾ گونجڻ گھرجي قاسم آباد جا ماڻهو 8 فيبروري تي گھرن کان ٻاهر نڪرن پنهنجي ووٽ ذريعي اياز لطيف پليجو کي ڪامياب ڪن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
سياسي سماجي اڳواڻ
ڊاڪٽر بدر چنا
اياز لطيف پليجو
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
0 تبصرے