سياست ۽ اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن مافيا جو قبضو آهي: اياز لطيف پليجو

سياست ۽ اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن مافيا جو قبضو آهي: اياز لطيف پليجو

سياست ۽ اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن مافيا جو قبضو آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سياست ۽ اقتدار تي ڪرپٽ، انسان دشمن مافيا جو قبضو آهي، 8 فيبروري تي ووٽ ذريعي سنڌ سميت پوري ملڪ جي عوام کي گڏجي ان مافيا کي شڪست ڏين.پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومتن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا خرچ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي ۽ ڪرپشن، اقرباپروري ھر اداري کي کوکلو ڪري ڇڏيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا صحت جي شعبي ۾ تمام اڳتي آھي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ ھيپاٽائٽس، ايڇ آئي وي، ڪينسر ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون پکڙيل آھن، دنيا تعليم ۾ اڳتي آھي، اسان وٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون تباھ آھن، دنيا زرعي پيداوار ۾ اڳتي آھي، اسان وٽ ھاري ۽ آبادگار ڪنگال آھن، زرعي شعبو بدحالي جو شڪار آھي، اھا حالت زندگي جي ھر شعبي سان ڪئي وئي آھي. غريب مسڪين ماڻھن لاءِ بيروزگاري ۽ بدحالي مقدر بنائي وئي آھي. لکين ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن.