نوشھرو فيروز ويجھو مختلف علائقن ۾ ٽن ڏينھن واري اکين جي مفت ڪيمپون قائم

نوشھرو فيروز ويجھو مختلف علائقن ۾ ٽن ڏينھن واري اکين جي مفت ڪيمپون قائم

نوشھرو فيروز ويجھو مختلف علائقن ۾ ٽن ڏينھن واري اکين جي مفت ڪيمپون قائم

نوشھرو فيروز (ڊ ر) يونائيٽيڊ ميمڻ جماعت کاهي ممن طرفان ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ جي پهرئين ڏينهن گهيڙ گجو ، اٽل ٻوهيو ۽ کاهي ممن ۾ او۔ پي ڊي ٿي جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ مريضن جا آپريشن ڪيا ويا ان موقعي تي ڪئمپ جي اڳواڻن منير احمد ميمڻ اعجاز ممنائي غلام عباس سولنگي محمد علي ميمڻ حاجي اعجاز سولنگي صابر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته هيء سالانه ڪئمپ آھي جنهن ۾ سوين ماڻھن کي اکين جي نور سان نوازي رهيا آھيون هن ڪئمپ جي پهرئين ڏينهن هزارين مريض ڏٺا ويا جن مان 300 کان وڌيڪ مريض آپريشن لاء چونڊيا ويا آھن جڏهن ته اڃان اڱارو ۽ اربع ڏينهن به مريضن جو چيڪ اپ ۽ آپريشن جاري رهندو۔ اڳواڻن کي لئنسز دوائون ۽ کاڌو پيتو مفت ڏنو وڃي ٿو جڏهن ته پري وارن مريضن کي گاڏيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون۔