مٺياڻي ويجھو ڳوٺاڻن جي غفلت سبب مري ويل انڌي ٻلھڻ کي عدالت آندو ويو

مٺياڻي ويجھو ڳوٺاڻن جي غفلت سبب مري ويل انڌي ٻلھڻ کي عدالت آندو ويو

مٺياڻي ويجھو ڳوٺاڻن جي غفلت سبب مري ويل انڌي ٻلھڻ کي عدالت آندو ويو

نوشهروفيروز(د ر) گذريل ڏينهن ناياب نسل جي انڊس ڊولفن انڌي ٻلهڻ جيڪا سنڌو درياءَ مان ڀٽڪي مٺياڻي ويجهو سهڙا شاخ ۾ اچي وئي هئي، جنهن کي جهنگلي جيوت کاتي پاران نوشهروفيروز جي ايڊيشنل سيشن جج II جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سيشن جج علي حيدر ابڙو جي عدالت ناياب نسل جي ڊولفن انڌي ٻلهڻ کي دفنائڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کي وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم گيم انسپيڪٽر غلام مرتضيٰ خشڪ جي نگراني ۾ انڊس ڊولفن کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مٺياڻي ويجهو مليل انڊس ڊولفن کي مقامي رهواسين بيدردي سان ڏنڊا هڻي ماري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔