نوشهرو فيروز ۾ ميونسپل چيئرمين پاران سنسار پبليڪيشن پاران منعقد ڪتابي ميلي جو دورو

نوشهرو فيروز ۾ ميونسپل چيئرمين پاران سنسار پبليڪيشن پاران منعقد ڪتابي ميلي جو دورو

نوشهرو فيروز ۾ ميونسپل چيئرمين پاران سنسار پبليڪيشن پاران منعقد ڪتابي ميلي جو دورو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) سنسار پبليڪيشن پاران سنڌ صحافي اتحاد نوشهرو فيروز ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سهڪار سان خاڪسار غلام مجتبيٰ خان جتوئي لائبريري نوشهرو فيروز ھلندڙ ڪتابي ميلي جو ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ دورو ڪيو ۽ لائبريري لاءِ 15 ھزار رپين جا ڪتاب ڏنا ان سان گڏوگڏ هن قانون، سی ایس ایس لاءِ پنج لک رپين جي گرانٽ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي سنڌ صحافي اتحاد جو ضلعي آرگنائيزر محمد يونس راڄپر، سنسار پبليڪيشنس جو سي اي او اسلم کٽياڻ، لئبريري انچارج انيل ڪمار، نويد احمد تڳر ۽ ٻيا موجود هئا. صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ چيو ته شاگرد مستقبل جا معمار آھن سندن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ کين صحتمند ماحول مهيا ڪيو ويندو. هن چيو ته لائبريري ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ ترت اُپاءَ ورتا ويندا ڇو جو عملي زندگيءَ ۾ ڪتابن جي وڏي اهميت آھي ڪتابي ميلن سان نوجوانن ۾ ڪتابن پڙھڻ جو رجحان وڌندو. ڪتابي ميلي جي انعقاد تي هن سنسار پبليڪيشن، سنڌ صحافي اتحاد ۽ سنڌي ادبي سنگت کي واڌايون ڏنيون.