شڪارپور جي بوائز ھاءِ اسڪول ۾ ھڪ ڏينھن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويو

ڪتابي ميلي ۾ تاريخي، علمي، ادبي، شاعري، اسلامي، سائنسي ۽ ٻارڙن جي ڪھاڻين جا ڪتاب رکيا ويا

شڪارپور جي بوائز ھاءِ اسڪول ۾ ھڪ ڏينھن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويو

شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ۾ ھڪ ڏينھن وارو ڪتابي ميلو منعقد، مھراڻ بوڪ ايڪڊمي شڪارپور پاران گورنمينٽ (بوائز) ھاءِ اسڪول حاجي فتح محمد اوستو ۾ ھڪ ڏينھن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويو. جنھن ۾ تاريخي، علمي، ادبي، شاعري، اسلامي، سائنسي ۽ ٻارڙن جي ڪھاڻين جا ڪتاب رکيا ويا. ميلي ۾ اسڪول جي سمورن ڪلاسن جي شاگردن، استادن، ضلعي تعليمي آفيسرن، ھيڊ ماستر صاحبن، شھر جي ساڃاه وندن ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.ڪتابي ميلي کي شريڪ ماڻھن سٺو سنوڻ ۽ شاگرن لاءِ علمي رجحان بيدار ڪرڻ جو ھڪ بھترين موقعو قرار ڏنو.ڪتابي ميلي جو انتظام اسڪول جي محنتي ۽ علم دوست استاد شھباز علي لوھر ۽ مھراڻ ايڪڊمي جي انچارج برڪت الله برق جن ڪيو.ڪتابي ميلي ۾ شريڪ شڪارپور جي سماج سيوڪ ۽ رٽائرڊ استاد سائين غلام علي ”گل“ ميمڻ ان ميلي کي شاگردن لاءِ لاڀائتو ۽ اهميت جوڳو ڪرار ڏنو، ھن چيو تہ ڪتاب انسان جو بھترين دوست آهي، جن کي پڙهڻ سان هو پنھنجي علمي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا.