گمبٽ ڀرسان ڪچي ۾ جتوئي ۽ سيال ڌرين ۾ جھيڙي دوران ھڪ ڄڻو قتل

جھيڙي دوران فائرنگ ۾ علي جان سيال مارجي ويو، 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

گمبٽ ڀرسان ڪچي ۾ جتوئي ۽ سيال ڌرين ۾ جھيڙي دوران ھڪ ڄڻو قتل

گمبٽ (زوھيب سمون) گمبٽ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ۽ سيال برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو.فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ علي جان سيال طور ٿي، جھيڙي دوران ھڪ ڄڻي جي قتل بعد علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو