English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺاڻن جو رڪوري انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو
views
|
11th Jul 2023
•
سنڌي خبرون
رڪوري انچارج حق نواز مگسي ڪرپشن ۾ ملوث آهي: غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو
نوشهروفيروز (ڊ ر)حق نواز مگسي سپريم ڪورٽ جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، هڪ ئي وقت 4 ڊپارٽمينٽس جو رڪوري انچارج بڻيل، ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏئي ڪروڙين روپيا ڪرپشن ڪرڻ لڳو، ڳوٺ ميوو ڪلهوڙو ۽ کوڙو شريف جي اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل جي اجازت ڏيڻ تي رهواسين جو حق نواز مگسي خلاف احتجاج، آفيسر خلاف ڪاروائي جو مطالبو خبر موجب حق نواز مگسي سپريم ڪورٽ جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا آهن جنهن کي هڪ ئي وقت 4 ڊپارٽمينٽس هائي ويز ڊپارٽمينٽ، بلڊنگس ڊپارٽمينٽ، ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اڻ اعلانيل رڪوري انچارج بڻيو ويٺو آهي جنهن جي خلاف ڳوٺ ميوو ڪلهوڙو ۽ کوڙو شريف جي رهواسين پاران روڊ جي اسڪيمن ۾ ٺيڪيدارن کي ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سميت پيسا هڙپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن عبدالرحيم راجپر، غلام مصطفي راجپر، نظير احمد ڪلهوڙ ، غلام مصطفي ڪلھوڙو ، محمد سلطان سولنگي، غلام قادر ساهيجو ۽ ٻين چيو ته حق نواز مگسي اسڪيمن جو ڪرتا ڌرتا بڻيل آهي جنهن اربين رپين جا 35 کان 40 ٺيڪا ذوالفقار شیخ سمیت پنھجن ویجھن رشتيدارن جي نالي الاٽ ڪري ڪروڙن روپين جا اڊوانس بل ٺيڪيدارن کي ڏئي ڇڏيا آهن پر ٺيڪيدار اسان جو ڳوٺن جو اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ زبردستي اسان جي زمينن ۾ مان مٽي ڪڍي رهيا آهن جڏهن ته شڪايت ڪرڻ تي حق نواز مگسي ٺيڪيدارن کي سائيڊ وٺي اسان کي خاموش رهڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جڏهن ته انجنير ھاء ويز ڊپارٽمينٽ مسرور سولنگي ۽ انجنير بلڊنگس ڊپارٽمينٽ علم الدين ڏاھري به سندس ڪرپشن ۾ ٻٽ بڻيل اٿس هنن چيو ته هڪ ته اسان وڏي مشڪل سان 15 کان 20 سالن کان پوء اسان پنهنجي ڳوٺن جو اسڪيمون منظور ڪرايون آهن پر ان جي باوجود اسڪيمن جا روڊن تي لڳائڻ بجاء حق نوقز مگسي ٺيڪيدارن سان گڏجي هڙپ ڪري رهيو آهي جيڪا اسان ڳاٺاڻن سان ناانصافي آهي جڏهن ته ٺيڪدار ديدا دليري سان اسان جي ڳوٺن ميوو خان ڪلھوڙو ۽ کوڙو شریف قبرستان ڏانھن ٺھندر روڊ ۾ ناقص ڀٿر، 2 نمبر سرون ۽ گهٽ مقدار ۾ ڊامبر استعمال ڪري رهيا آهن جڏهن ته مٽي ٻاهران گھرائڻ جي بجاء ويجهي زمينن ۽ قبرستان مان کڻي رهيا آهن جنهن جي ڪري قبرون به زبور ٿيڻ لڳيون آهن هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪرپٽ آفيسرن ۽ ٺيڪيدار جي خلاف ڪاروائي ڪري روڊ رستا صحيح ٺهرائي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
noshahroferoz
Sindh
Breaking
Advertisement
0 تبصرے