يوم شھداء (شهيدن جو ڏينهن) هر سال اُنهن بهادر دليرن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جن پنهنجو انمول رت ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ وهايو. هي ڏينهن رڳو يادگار نه، پر هڪ روحاني جذبي، قومي غيرت ۽ عظيم قربانين جو اظهار آهي.
اسان جا شهيد، جيڪي وطن جي ساڃاهه، آزادي، ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪيون، سي قوم جا حقيقي هيرو آهن. انهن جي رت جي هر بوند ۾ وفا، حب الوطني، ۽ ايمانداريءَ جو جذبو سمايل آهي.
يوم شهدا تي اسان پنهنجي شھيد ڀائرن، ڀيڻن، ۽ فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جن دهشتگرديءَ، جارحيت، ۽ ناحق خلاف پنهنجي جان نثار ڪري اسان لاءِ امن ۽ آزاديءَ جا در کوليا.
ملڪ خاطر جان قربان ڪندڙ شھداء اسان جي تاريخ جا زنده مثال آھن، جن جي بهادري، قرباني ۽ وفاداري هميشه يادگار رهندي. خاص طور تي سڌ پوليس جا بهادر جوان، جيڪي پنهنجي فرض نڀائيندي، دهشتگردي، جرمنگاري، ۽ امن دشمنن جي مقابلي ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، سي قوم جا سچا سپوت آهن.
شھادت صرف موت نه آهي، پر اها هڪ اعليٰ مرتبو، هڪ روحاني عزت ۽ ابدي زندگي جو درجو آهي. پوليس جا شھيد، جيڪي امن جي راهه ۾ پنهنجا خُون وهايا، تن کي قوم سدائين سلامِ عقيدت پيش ڪندي رھندي انھن جي قربانين کي ھميشھ سنھري حرفن سان ياد رکيو ويندو شھادت جي عظيم مرتبي جي لاءِ قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي تہ ,, ۽ جيڪي ماڻهو اللہ جي راھ ۾ قتل ڪيا وڃن انھن کي مئل نه چئو بلڪہ اُھي زندھ آھن پر توھان کي شعور ناھي ،، پارہ 2 سورت البقرہ ) بيشڪ شھيد ھميشھ زندہ ھوندا آھن اُھي ڪڏھن مري نٿا سگھن.
سڌ پوليس جا اهي دلير سپاهي، جن فرض شناسي، قرباني، ۽ غيرت جو مثال قائم ڪيو، سي اسان جي نوجوان نسل لاءِ مثالي مشعل راھ آهن. انهن جي قربانين جي خوشبوءِ وقت جي وهڪرن ۾ هميشه محسوس ٿيندي رھندي جيڪا ڪڏهن ختم ٿيڻ واري ناھي مون کي فخر آهي تہ آئون پاڻ ھڪ شھيد پيءُ محمد مٺل ڪلو جو فرزند آھيان جيڪو سال 2014ع هالاڻي شهر ۾ پئٽرول جي آئل ٽينڪر کي باھ لڳي هئي ۽ منهنجي بابا سائين بنا ڪنهن پراوه جي سوين انسانن جون جانيون بچائڻ خاطر پنهنجي جان جو نطرانو ڏئي شهادت جو جام پيتو، مونکي پنهنجي بابا سائين تي فخر آهي تہ ان دلير شهيد پيءُ جو پٽ آهيان جنهن هن ديس ۽ عوام خاطر شهيد ٿيو ۽ آئون سندس جڳھ تي سنڌ پوليس ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آھيان، هن وقت آئون سب انسپيڪٽر ( پي آر او ايس ايس پي آفيس نوشهرو فيروز) ۾ پنهنجي ڊيوٽي جا فرض انجام ڏئي رهيو آهيان اداري اندر عام اھلڪار ھجن يا وڏا آافيسر ھجن شھيد پيءُ جي ڪري مونکي تمام گھڻي عزت جي نگاه سان ڏسندا رھندا آھن ۽ ھر وقت منھنجي لاءِ رحم دل شفيق بڻيل ھوندا آھن ۽ مون کي پنھنجي والد صاحب تي وڏو فخر آھي جيڪو هن ملڪ ۽ قوم خاطر پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ھميشه جي لاءِ شھيد بڻجي امر ٿي ويو ۽ مون کي فخر آھي تہ آئون پوليس فورس جو حصو آھيان جيڪي سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي سربلندي لاءِ وڙھندي رھندي آھي،
بس آخر ۾ ايترو لکندس ته منهنجا جيڪڏهن هزار جنم ٿيڻ ته هر جنم ۾ آئون پنهنجي ڌرتي ۽ ديس جو سپاهي ٿي پنهنجي وطن ۽ قوم خاطر وڙهندي شهادت جو جام پيئڻ پسند ڪندس
اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان جي انهن بهادر شھيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، ۽ اسان کي به وطن جي خدمت ۽ حفاظت جي جذبي سان سرشار ڪري.
اسين شهيدن جي قربانين کي رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين،
اسين پنهنجي ڌرتيءَ جي ساڀيان، خوشحالي، ۽ امن لاءِ ڪوشان رهنداسين، ۽ اسين هميشه حق، سچ، ۽ انصاف جي راه تي هلندا رھنداسين
سلام سنڌ پوليس
*سنڌ پوليس زنده آباد
پاڪستان زنده آباد..
0 تبصرے