پنجاب ۾ ھن وقت بہ موٽروي جا ڪم ھلي رھيا آھن سنڌ ۾ قومي شاھراھ جي حالت خراب آھي
ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري وفاق جو سنڌ جي ناروا سلوڪ ھجڻ ڪري سنڌ ۾ موٽروي جو ڪم شروع ناھي ڪيو ويو پنجاب ۾ ھن وقت بہ موٽروي جا ڪم ھلي رھيا آھن سنڌ ۾ قومي شاھراھ جي حالت خراب آھي ۽ ھلندڙ ڪم بہ سست رفتاري سان ھلي رھيو آھي ھنڱورجا ۾ پارٽي ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سينيٽر سيد ڪاظم علي شاھ لڪياري ڀارتي آبي دھشدگردي جو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جواب ڏئي ڇڏيو پاڻي اسان جو جيئاپو آھي ان تي ڪنھن ب ريت پوئتي نہ ھٽبو .ھن چيو تہ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناھي پوليس انتظاميا کي امن جي بحالي لاء اثرائتا اپاء وٺڻا پوندا ھن چيو پريا ڪماري سميت سمورن ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي ٻارڙن جي بازيابي لاء احتجاج ڪندڙن مٿان دھشتگردي جو ڪيس داخل ن ٿيڻ گھرجي ھن چيو ت گلگت بلتستان جي چونڊ کٽڻ کان پوء ڪشمير ۾ ب چونڊ پاڪستان پيپلز پارٽي کٽندي تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري گدا حسين سھتو ۽ ٻين خطاب ڪيو.
0 تبصرے