نوشھروفيروز جي شھيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج ۾ پروگرام منعقد

پروگرام جو مقصد ايل ايل بي شاگردن کي قانون، عدليه ۽ قانوني پيشي ۾ موجود مختلف ڪيريئر جي موقعن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ھو

نوشھروفيروز جي شھيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج ۾ پروگرام منعقد

نوشهروفيروز (ڊ ر) شهيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج، نوشهروفيروز ۾ Research Society of International Law (RSIL) ۽ The Asia Foundation جي سهڪار سان ايل ايل بي شاگردن لاءِ "RSIL – Law in Practice: Career Fair" جي عنوان هيٺ هڪ اهم ڪيريئر رهنمائي پروگرام منعقد ڪيو ويو.پروگرام جو مقصد ايل ايل بي شاگردن کي قانون، عدليه ۽ قانوني پيشي ۾ موجود مختلف ڪيريئر جي موقعن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ کين عملي رهنمائي مهيا ڪرڻ هو، جيئن هو پنهنجي پيشاورانه زندگي لاءِ بهتر فيصلا ڪري سگهن.تقريب کي ريٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج محمد حنيف سولنگي، ميمبر سنڌ بار ڪائونسل عبد الستار لوهراڻي، محبوب علي سهتو (DDA)، انور علي سهتو، پرنسپل ۽ سي اي او شهيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج ۽ محترمه سدره علي، ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ سنڌ خطاب ڪيو. مقررن قانوني شعبي، عدليه، وڪالت، پراسيڪيوشن ۽ ڪارپوريٽ پريڪٽس ۾ موجود موقعن، پيشاورانه مهارتن، اخلاقي ذميوارين ۽ عملي تجربن تي تفصيلي روشني وڌي. هنن شاگردن کي جديد قانوني تقاضائن، ڪيريئر پلاننگ ۽ پيشاورانه ترقي بابت پڻ مفيد رهنمائي فراهم ڪئي.پروگرام دوران هڪ انٽرايڪٽو سوال ۽ جواب (Q&A) سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن قانون جي مختلف شعبن، بار ڪائونسل رجسٽريشن، عدالتي نظام ۽ مستقبل جي ڪيريئر بابت سوال پڇيا، جن جا مقررن تفصيلي ۽ رهنمائي تي ٻڌل جواب ڏنا. تقريب ۾ ضلعي نوشهروفيروز ۽ آس پاس وارن علائقن سان تعلق رکندڙ ايل ايل بي شاگردن، نوجوان وڪيلن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هن پروگرام کي پنهنجي پيشاورانه ترقي لاءِ نهايت مفيد قرار ڏيندي اهڙن علمي ۽ عملي رهنمائي وارن پروگرامن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. منتظمن موجب اهڙي نوعيت جي پروگرامن جو مقصد مستقبل جي قانوني ماهرن کي عملي ميدان جي تقاضائن کان آگاهه ڪرڻ، سندن صلاحيتن کي نکارڻ ۽ کين قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي موجود ڪيريئر جي موقعن بابت آگاهه ڪرڻ آهي پروگرام جا فوڪل پرسن عبدالغفار لهراڻي ۽ نعمان احمد آرائين هئا