عمرڪوٽ ۾ صدر آصف علي زرداري جي سالگرھھ ملھائي وئي

پ پ ضلعي عمرڪوٽ پاران سالگرھھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو

عمرڪوٽ ۾ صدر آصف علي زرداري جي سالگرھھ ملھائي وئي

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ پاران صدر پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس عمرڪوٽ ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ضلعي سينيئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام داس، جنرل سيڪريٽري سٽي عمرڪوٽ چيتن گوئيل، سٽي انفارميشن سيڪريٽري موتي ميگهاڻي، هاري ونگ جي صدر واحد سمون، راجا رامچند مالهي، ٽيڪم مالهي، ڪانجي مل ميگهواڙ، جيوت اوڏ، خالد خاصخيلي، صديق ڪنڀر، حاجي خان ببر سميت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي سالگرهه جون واڌايون پيش ڪندي سندس ڊگهي ڄمار، سٺي صحت ۽ ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.