راڻيپور ٽائون انتظاميه خلاف شهرين جي 18هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري

ڪرپشن ۽ وڪرو ڪيل پولن جي واپسي تائين جدوجھد جاري رھندي: سڪندر سرڪي ۽ ٻين جو چتاءُ

راڻيپور ٽائون انتظاميه  خلاف شهرين جي 18هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري

گمبٽ (زوھيب سمون) راڻي پورٽائون انتظاميه جي نااھلي خلاف شھرين جي ارڙھن ڏھاڙي به علامتي بک ھڙتال جاري، ٿيل ڪرپشن ۽ وڪرو ڪيل پولن جي واپسي تائين اھا جدوجھد جاري رھندي: سڪندر سرڪي، استاد شوڪت ۽ ٻيا ٿيا، شهرين جو چوڻ آهي ته موجودھ ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪاروائي ٿيڻ تائين اسان ڪنھن به صورت ۾ اھا تحريڪ ختم نه ڪنداسين، تاج ڪورائي پيسن عيوضي راڻي پور شھر جا پول بااثرن کي وڪرو ڪري ڏنا آھن جنھن جا اسان وٽ پروف پڻ موجود آھن سڪندر سرڪي ۽ استاد شوڪت گھانگھرو چيو ته اسان جي جدوجھد سموري شھر ۽ شھرين جي ڀلي لاءِ آھي. ان ڪرپٽ مافيا ۽ ان جي ساٿارين کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين. جن اسان جي شھر ۽ شھرين سان ظلم ڪيو آھي. انھن ظالمن خلاف ھڪ آواز ٿي بيھنداسين، مدد ملاح ۽ علي امداد لاڙڪ جو چوڻ هو ته شھر ۾ صفائي سٿرائي نالي ڪا به شيءَ موجود نه اھي. ڪروڙين جي بجيٽ باوجود شھري پنھنجي محلن، گھتن جون صفائيون پاڻ پيا ڪن. انھن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي. ھتان جي ايم پي اي ايم اين اي کي اک کولڻ جي ضرورت آھي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو شھرين سندس خلاف ٿي وڃن.