تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز

سامي ميمڻ

تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز

ملير جي مٽي اڄ روئي رهي آهي.
اها مٽي، جنهن ڪراچيءَ کي صدين کان ساوا باغ، تازا ميوا، ڀاڄيون، کجورون ۽ کير ڏيندڙ مال ڏنو، جنهن جي ڇاتيءَ تي بلوچ ۽ سنڌي خاندانن جون نسلون پلجي وڏيون ٿيون، جنهن جي وڻن هيٺان ٻارن جا نسل کيڏيا ۽ جنهن جي زمين ۾ ابن ڏاڏن جون قبرون آرامي آهن، اڄ ان ئي مٽيءَ کان سوال ڪيو پيو وڃي ته تون آخر ڪنهن جي آهين؟
ترقي جي نالي ۾ ملير جي زمين تي هڪ اهڙو منصوبو وڌي رهيو آهي، جنهن جو نالو ايجوڪيشن سٽي آهي. تعليم جو نالو ٻڌڻ سان دل خوش ٿيڻ گهرجي، پر ملير جي ڳوٺاڻن جي اکين ۾ هن نالي سان خوشي بدران خوف ڇو آهي؟ جيڪڏهن تعليم لاءِ شهر ٺهڻو آهي ته پوءِ ان جي بنياد ۾ مقامي ماڻهن جا اجڙيل گهر، ڪٽيل وڻ، ختم ٿيندڙ باغ، سڪل کوهه، زرعي زمينون ۽ ڊهندڙ مسجدون ڇو نظر اچن ٿيون؟ هي سوال هاڻي صرف فقير محمد بلوچ ڳوٺ جو سوال ناهي هي سوال ملير جي مستقبل جو سوال بڻجي چڪو آهي.ايجوڪيشن سٽي جي اصل ڪهاڻي ڇا آهي؟هتي هڪ تاريخي حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي. ايجوڪيشن سٽي جو تصور 2024ع ۾ پيدا نه ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ جو Education City Act 2013 موجود آهي، جنهن ۾ ديهه چوهڙ، ملير ۾ تقريباً 8,921 ايڪڙ زمين کي Education City لاءِ مخصوص علائقو قرار ڏنو ويو هو.
2014ع ۾ حڪومت جي سطح تي 9,000 ايڪڙن واري منصوبي بابت ٻڌايو ويو ته هتي 50 کان وڌيڪ عالمي معيار جا تعليمي ادارا، ريسرچ پارڪ، اسپتال، پاڻي، نيڪال، گيس، راندين جون سهولتون ۽ ٻيا انفراسٽرڪچر قائم ڪيا ويندا پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مقصد واقعي تعليم جو هڪ عالمي شهر ٺاهڻ هو ته ملير جي عام ماڻهوءَ کي ان شهر مان ڇا مليو؟
2024ع ۾ ايجوڪيشن سٽي جي بورڊ طرفان روڊن ۽ ٻين سهولتن جي تعمير بابت اڳڀرائي سامهون آئي. يعني هڪ اهڙي منصوبي کي، جيڪو سالن کان ڪاغذن، اعلانن ۽ واعدن ۾ موجود هو، ٻيهر عملي انفراسٽرڪچر ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ٿي.
سنڌ حڪومت جي بجيٽ دستاويزن ۾ پڻ Education City Phase-I لاءِ وڏي رقم رکيل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ديهه چوهڙ ۾ وڌيڪ زمين جي الاٽمينٽ بابت به سرڪاري مالي دستاويزن ۾ داخلا موجود آهي.
پر تعليم ڪٿي آهي؟
هي شايد سڀ کان وڏو سوال آهي.جيڪڏهن هزارين ايڪڙ زمين تعليم جي نالي تي مخصوص ڪئي وئي آهي ته ان زمين تي ڪيترا مڪمل تعليمي ادارا موجود آهن؟ ڪيترا مقامي ٻار اتي مفت يا گهٽ خرچ تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن؟ ڪيترا مقامي نوجوان اتي روزگار حاصل ڪري رهيا آهن؟ ڪيتريون تحقيقاتي ليبارٽريون، لائبريريون، اسپتالون ۽ يونيورسٽيون مڪمل طور فعال آهن؟
سرڪاري ۽ ادارتي رڪارڊ مان ڪجهه تعليمي سرگرمين ۽ ڪيمپسز جو وجود ضرور سامهون اچي ٿو مثال طور سنڌ مدرسۃ الاسلام يونيورسٽيءَ جو ملير ڪيمپس ۽ ٻين ادارن لاءِ الاٽمينٽس موجود آهن.پر ان سان گڏ سوال اهو به آهي ته ڇا انهن ادارن جي موجودگي هزارين ايڪڙن جي سموري زمين، مقامي آبادين ۽ زرعي معيشت تي پوندڙ اثرن جو جواب آهي؟
اهو سوال حڪومت ۽ ايجوڪيشن سٽي انتظاميا کي عوام جي سامهون رکڻو پوندو.
زمين تعليم لاءِ يا زمين جي نئين جاگيرداري لاءِ؟ڀ ملير جو سڀ کان وڏو خوف اهو آهي ته تعليم جي نالي ۾ زمين جو اهڙو بندوبست نه ٿي وڃي، جنهن جو فائدو تعليم کان وڌيڪ زمين جي قيمت وڌڻ، ريئل اسٽيٽ ۽ طاقتور ڌرين کي حاصل ٿئي.مقامي ماڻهو الزام هڻن ٿا ته سندن زرعي زمينن، باغن ۽ رهائشي آبادين تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي.جيڪڏهن ڪنهن زمين تي تعليمي عمارت نٿي ٺهي، پر ان جي چوڌاري رستا، چارديورايون، پلاٽنگ، تجارتي سرگرميون يا ٻيا زمين سان لاڳاپيل فائدا پيدا ٿين ٿا ته پوءِ سوال اٿڻ فطري آهي ته اصل مقصد تعليم آهي يا زمين؟
سرڪاري ضابطن موجب Education City جي الاٽ ٿيل زمين مقرر مقصد کان مختلف استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ الاٽمينٽ رد به ٿي سگهي ٿي. حڪومت 2025ع ۾ Education City Land Allotment Rules ۽ Regulations کي منظور ڪيو، جن ۾ زمين جي استعمال، ماسٽر پلان ۽ الاٽمينٽ بابت ضابطا شامل آهن.ڀ انهيءَ ڪري هاڻي حڪومت تي ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته هر الاٽ ٿيل ايڪڙ جو حساب عوام جي سامهون رکي: زمين ڪنهن کي ملي؟ ڪهڙي مقصد لاءِ ملي؟ تعمير ڪڏهن شروع ٿي؟ ڪيتري رقم لڳي؟ ڪيترو ڪم مڪمل ٿيو؟ ۽ جيڪڏهن مقرر مقصد حاصل نه ٿيو ته زمين واپس ڇو نه ورتي وڃي؟ڳوٺن تي ڪاهون ترقي جو هي ڪهڙو چهرو؟
فقير محمد بلوچ ڳوٺ ۾ مبينا ڪارروائي جون خبرون ملير جي ماڻهن جي دل کي ان ڪري وڌيڪ زخمي ڪن ٿيون، جو اها رڳو هڪ اڏاوت جي ڀڃ ڊاهه جو واقعو ناهي هڪ گهر ڊهڻ سان صرف ڀتيون نٿيون ڊهن؛ هڪ خاندان جي تاريخ ڊهي ٿي.هڪ باغ ڪٽجڻ سان صرف وڻ نٿا ڪِرن؛ هڪ پورهيت جي روزي، سندس ٻارن جو مستقبل ۽ ماحول جو هڪ حصو ختم ٿئي ٿو.
۽ جيڪڏهن ڪنهن مقامي مسجد جي ڊهڻ جي دعويٰ درست آهي ته پوءِ اهو سوال اڃا وڌيڪ حساس ٿي وڃي ٿو ته ڇا ترقي جي نالي تي مقامي آبادي جي مذهبي ۽ ثقافتي جڳهن جو به ڪو تحفظ ناهي؟
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته رات جي وقت، جڏهن ماڻهو ٿڪجي سمهي پيا، تڏهن مشينري ۽ پوليس سان ڪارروائي ڪئي وئي. اهڙن الزامن جي آزاد ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن الزام غلط آهن ته انتظاميا کي حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن، ۽ جيڪڏهن صحيح آهن ته ذميوارن کان جواب طلب ٿيڻ گهرجي.
ملير جي زمين خالي نه آه ڪجهه منصوبن جي نقشن ۾ زمين شايد صرف هڪ انگ هجي: 8,921 ايڪڙ، 9,000 ايڪڙ يا وڌيڪ. پر ملير جي ماڻهوءَ لاءِ اها زمين صرف انگ ناهي هتي هر ايڪڙ جي پٺيان هڪ ڪهاڻي آهي.
ڪٿي ڪنهن هاريءَ جو کوهه آهي، ڪٿي انبن جو باغ، ڪٿي مال جو واڙو، ڪٿي قبرستان، ڪٿي قديم ڳوٺ ۽ ڪٿي ڪنهن ماءُ پنهنجي ٻار کي اهو چئي وڏو ڪيو ته ”هي زمين تنهنجي ڏاڏي جي آهي.“
هڪ تحقيقاتي مطالعي ۾ Education City بابت خدشن جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته منصوبي سان ملير ۽ سُخن درياهن جي وچ واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ 40 ڳوٺن، زرعي زمينن، چراگاهن ۽ مقامي معيشت تي اثر پوڻ جو خدشو آهي.2025ع ۾ رپورٽن موجب منصوبي لاءِ وڌيڪ 2,817 ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ جي اڳڀرائي به ٿي، جنهن ۾ زرعي زمين شامل هجڻ ۽ ملير جي سبز پٽي لاءِ خطري جا خدشا ظاهر ڪيا ويا اهو ئي سبب آهي جو هي مسئلو هاڻي صرف زمين جي مالڪي جو نه رهيو آهي؛ هي ماحول، خوراڪ، روزگار، ثقافت، آبادي ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو بڻجي چڪو آهي چونڊيل نمائندا آخر خاموش ڇو آهن؟
ملير جا ماڻهو ووٽ ڏين ٿا.
اهي اميدوارن کي ووٽ ڏين ٿا ته سندن زمين محفوظ رهندي، سندن ڳوٺ محفوظ رهندا، سندن ٻار اسڪول ويندا، پاڻي ملندو، صحت جون سهولتون ملنديون ۽ سندن آواز اسيمبليءَ تائين پهچندو.پر جڏهن انهن ئي ماڻهن جا گهر، باغ ۽ زمينون خطري ۾ اچن ته چونڊيل نمائندن جي خاموشي ڇو؟
هي سوال ڪنهن هڪ پارٽيءَ خلاف نه، پر هر ان نمائندي کان آهي، جيڪو ملير جي ووٽن سان ايوانن تائين پهتو آهي.جيڪڏهن ايجوڪيشن سٽي واقعي ملير لاءِ نعمت آهي ته نمائندا اچي عوام کي سمجهن، نقشا ڏيکارين، منصوبي جا فائدا ٻڌائين، مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ تعليم جا حصا واضح ڪن.۽ جيڪڏهن مقامي ماڻهن جا الزام غلط آهن ته انهن کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ دستاويز پيش ڪن.خاموشي شڪ کي جنم ڏئي ٿي.
سڀ کان وڏو خطرو اڄ نه، سڀاڻي آهي
اڄ فقير محمد بلوچ ڳوٺ آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ڳوٺ ٿي سگهي ٿو.
اڄ هڪ باغ آهي، سڀاڻي ٻيو باغ ٿي سگهي ٿو.
اڄ هڪ زميندار يا هاري پنهنجي زمين بچائڻ لاءِ بيٺو آهي، سڀاڻي هزارين خاندان پنهنجي آبائي زمين لاءِ دروازن تي بيٺل هوندا.۽ جيڪڏهن ملير جي زرعي زمين مسلسل ختم ٿيندي رهي ته ڪراچيءَ کي تازيون ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيون زرعي شيون ڪٿان ملنديون؟جيڪڏهن وڻ ڪٽجي ويا، زمين پڪي ٿي وئي ۽ پاڻيءَ جا قدرتي رستا بند ٿي ويا ته ايندڙ نسل کي ملير جو اهو سبز، زرخيز ۽ قدرتي چهرو ڪٿي نظر ايندو؟ترقي اها ناهي، جيڪا ماڻهوءَ کي سندس زمين تان بي دخل ڪري.
ترقي اها آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي پنهنجي زمين تي عزت سان جيئڻ جو حق ڏئي.تعليم اها ناهي، جيڪا ڪنهن جو گهر ڊاهي ٺهي. تعليم اها آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي حقن، تاريخ ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ سيکاري.
ملير جي ماڻهن کي ايجوڪيشن سٽي سان تعليم جي مخالفت ناهي؛ سوال صرف ايترو آهي ته تعليم جو شهر ٺاهيو، پر ملير کي قبرستان نه بڻايو.حڪومت کي گهرجي ته سمورن متاثر ڳوٺن، زمينن، قبرستانن، باغن ۽ زرعي علائقن جو شفاف سروي ڪرائي، هر الاٽمينٽ جا تفصيل عوام جي سامهون رکي، مقامي ماڻهن جي ملڪيت ۽ ليز حقن جو تحفظ ڪري ۽ ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ قانوني عمل ۽ متاثر ماڻهن جي ٻڌڻي کي يقيني بڻائي.ڇو ته ملير صرف ڪراچيءَ جو هڪ نقشو ناهي.ملير هڪ تاريخ آهي، هڪ تهذيب آهي، هڪ سبز پٽي آهي، هزارين پورهيتن جي روزي آهي ۽ ايندڙ نسلن جي امانت آهي.
اڄ جيڪڏهن اسان ان امانت کي خاموشيءَ سان اجڙندي ڏسنداسين ته سڀاڻي شايد اسان وٽ روئڻ لاءِ به اها ساڳي مٽي باقي نه رهي. ۽ پوءِ ملير جي هوا شايد اسان کان صرف هڪ سوال ڪندي:
جڏهن منهنجا ڳوٺ اجڙي رهيا هئا، منهنجا باغ ڪٽجي رهيا هئا ۽ منهنجي مٽي وڪامي رهي هئي، تڏهن توهان ڪٿي هئا؟