ملير ۾ ڀٽائي آباد ۽ بختاور يوسيز ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران

رهواسي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي بحران خلاف روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو

ملير ۾ ڀٽائي آباد ۽ بختاور يوسيز ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران

ملير(عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي ڀٽائي آباد ۽ يوسي بختاور جي مختلف علائقن جا رھواسي بجلي جي ڊگھي لوڊشيدنگ ۽ پاڻي جي بحران خلاف روڊن تي نڪري آيا. مسلم ليگ فنڪشنل طرفان پمپنگ اسٽيشن صفوران تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ فنڪشنل ليگ، جماعت اسلامي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقي جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.احتجاج ڪندڙن چيو ته يوسي 9 ۽ 10 ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي ڊگھي لوڊشيدنگ سان گڏ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي، جڏهن ته گذريل ٻن مهينن کان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي چڪي آهي. هنن الزام هنيو ته ايگزيڪٽو انجينئر دلاور خان جي نااهلي سبب علائقي جا رهواسي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ھنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته هو يونيورسٽي روڊ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي. احتجاج ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ سيد صفت علي شاهه، سماجي اڳواڻ گل حسن سومرو، جماعت اسلامي ڀٽائي آباد جي ناظم امين سومرو ۽ ڀٽائي آباد عوامي اتحاد جا اڳواڻن احمد بلوچ، محمد احسان ۽ خليل سولنگي سميت ٻيا به شامل هئا.مظاهرين مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ لوڊشيدنگ ختم ۽ پاڻي جي فراهمي جلد کان جلد بحال ڪري عوام کي هن عذاب مان نجات ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.