ڳيريلو ڀرسان نوجوان ناري مبينا اغوا، ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ناري عاليه سولنگي جي والد حاڪم علي سولنگي جي فرياد تي ڪيس داخل

ڳيريلو ڀرسان نوجوان ناري مبينا اغوا، ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڳيريلو(رپورٽر)ڳيريلو جي نيئن آباد مان ناري عاليه سولنگي جي مبينا اغوا واري واقعي جو ڪيس سندس والد جي فرياد تي ڳيريلو ٿاڻي تي 2ڄاتل ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار تي داخل ڪيو ويو آهي. فريادي حاڪم علي سولنگي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ گهر ۾ موجود هو ته ان دوران جوابدار طارق آرائين، عاطف سولنگي ڪنڊيارو واسي ۽ هڪ اڻڄاتل شخص گهر ۾ داخل ٿيا. فريادي موجب جوابدارن هٿيارن جي زور تي گهر وارن کي يرغمال بڻايو. ايف آءِ آر موجب جوابدارن سندس ڌيءُ عاليه سولنگي کي زبردستي پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ بنا نمبر پليٽ واري اڇي رنگ جي ڪار ۾ ويهاري مبينا طور اغوا ڪري فرار ٿي ويا. متاثر ناري جي پي آئي جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نياڻي بازياب ڪرائي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي