ٺٽي ۾ ناري جو مامي ۽ سندس ناٺي خلاف احتجاج

مامي جمون گندرو ۽ سندس ناٺي جعفر گهر تي قبضو ڪيو آهي: شيربانو

ٺٽي ۾ ناري جو مامي ۽ سندس ناٺي خلاف احتجاج

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي ڀرسان فقير گوٺ روڊ تي واقع ڪچي آبادي جي رهواسي مسمات شيربانو زوجہ پير بخش گندرو عوامي پريس ڪلب ٺٽو پهچي فرياد ڪندي ٻڌايو ته سندس مامو جمون گندرو ۽ سندس داماد جعفر هٿياربند ماڻهن سان گڏجي مٿس ۽ سندس معصوم ٻارن تي تشدد ڪيو، مارڪٽ بعد کين گهر مان زبردستي ڪڍي گهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي۔مسمات شيربانو ٻڌايو ته مذڪوره پلاٽ ۽ گهر کيس سندس مرحومه والده طرفان ڏنو ويو هو، جتي هوءَ پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ رهائش پذير هئي، پر سندس ظالم مامو ناجائز طريقي سان طاقت جي زور تي کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو۔هن چيو ته گهر مان نيڪالي بعد هوءَ شديد سردي ۾ پنهنجي معصوم ٻارن سميت دربدر ٿيڻ تي مجبور آهي۔متاثر خاتون ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس ۽ سندس ٻارن کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي۔