عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب

سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي شاگردن، استادن، تعليمي عملدارن ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) تعليم کاتي پاران ھائير سيڪنڊري اسڪول ون عمرڪوٽ ۾ باني پاڪستان، قائدِ اعظم محمد علي جناحؒ جي جنم ڏينهن جي حوالي سان هڪ شاندار و باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي شاگردن، استادن، تعليمي عملدارن ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب جا خاص مهمان پاڪستان آرمي، ڇور ڪينٽ جو ڪيپٽن وقاص ۽ صوبيدار اسلم هئا، ان موقعي تي تعليم کاتي جا آفيسر بيرم داس، نانجي مل، فريد احمد ڪنڀر، غلام مرتضيٰ سهتو، دليپ ڪمار مالهي، محسن ڪنڀر، جلال الدين نهڙي،خالد خاصخيلي ، راڻو مل مالهي، نارائن داس مالهي، گوتم پرڪاش سنگراسي، اطلاعات کاتي جا نمائندا، استاد کيتپال مهراج، جاويد ڪنڀر، هاشم سومرو، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون، تقريب جي شروعات تلاوتِ قرآن پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن بعد نعتِ رسولِ مقبول ﷺ پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي شاگردن قائدِ اعظمؒ جي جدوجهد، اصولن، بصيرت ڀري قيادت ۽ برصغير جي مسلمانن لاءِ سندن لازوال خدمتن تي روشني وجهندي شاندار تقريرون، ملي نغمـا ۽ ٽيبلو پيش ڪيا، شاگردن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قائدِ اعظمؒ هڪ بااصول، ايماندار ۽ مضبوط اڳواڻ هئا، جن مسلمانن کي آزاد وطن ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪئي، سندن سونهري اصول ايمان، اتحاد ۽ تنظيم اڄ به اسان جي ڪاميابيءَ جو رستو آهن، تقريب دوران تقريـري مقابلو پڻ ڪرايو ويو، جنهن لاءِ ججن جي پينل شاگردن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو، مقابلي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام، شيلڊز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، ان موقعي تي مهمانِ خاص ڪيپٽن وقاص پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قائدِ اعظمؒ جي قيادت اسان لاءِ مشعلِ راهه آهي، سندن اصولن تي عمل ڪري پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي ٿو، هن شاگردن جي تقريرن، ملي نغمـن ۽ ڪوئيز مقابلي ۾ حصو وٺندڙن جي تعريف ڪئي ۽ حوصلا افزائي ڪئي، ان موقعي تي ڪيپٽن وقاص وڌيڪ چيو ته قائدِ اعظمؒ فرمايو هو ته هي ملڪ صرف مسلمانن جو ناهي، پر هر مذهب ۽ هر نسل جو گڏيل وطن آهي، هن چيو ته اسان کي ماحول دوست بڻجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسلام به صفائي، وڻ لڳائڻ ۽ ماحول جي حفاظت جو درس ڏئي ٿو، جيڪو ملڪ جي خوبصورتي ۽ انساني صحت لاءِ بي حد ضروري آهي، هن وڌيڪ چيو ته نوجوان نسل پاڪستان جو روشن مستقبل آهي، تنهنڪري تعليم سان گڏ قومي قدرن ۽ حب الوطني جو فروغ به لازمي آهي، تقريب جي پڄاڻيءَ تي تعليمي عملدارن ۽ مهمانن گڏجي قائدِ اعظمؒ جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو، آخر ۾ اسڪول جي پرنسپال ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اهو عزم ورجايو ته اهڙين تقريبن ذريعي شاگردن ۾ قائدِ اعظمؒ جا افڪار ۽ وطن سان محبت جو جذبو اڳتي به اجاگر ڪيو ويندو.