فلور مل ۽ اٽي چڪين جي بند هجڻ سبب اٽي جا اگهه آسمان تي پهچي ويا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب فلور مل کي ڪڻڪ فراھمي نه ٿي، فلور مل کي احتجاجن تالا، اٽي جا اگھ آسمان تي پھتل، عوام پريشان. خبر موجب حڪومت پاران فلور ۽ چڪي مالڪن کي ڪوٽا جي ڪڻڪ فراھمي جي اعلان باوجود ڪنري تعلقي سميت عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪڻڪ فراھمي نه شروع ناهي ٿي سگهي خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ فراھم نه ڪرڻ سبب ڪنري جي فلور مل انتظاميا احتجاجن فلور مل بند ڪري ڇڏي آھي چڪي ۽ فلور ملز کي ڪوٽا جي ڪڻڪ نه ڏيڻ سبب اٽو 46 سئو روپيا في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو، ان حوالي سان فلور مل مالڪ ڀرت ڪمار لوھاڻي ٻڌايو ته حڪومت پاران 32 سئو في مڻ تحت ڪوٽا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي پر اسان کي اڃان تائين ڪوٽا ناهي ملي، خوراڪ کاتي کي ڪوٽا لاءِ چيو آھي پر ڪوٽا نه ملڻ ڪري اٽو مھانگو آھي ڪوٽا جي ڪڻڪ ملي ته عوام کي سبسڊي ڏينداسين. جڏھن ته آٽا چڪي ايسوسي ايشن جي صدر منير آرائين جو چوڻ آھي ته اسان کي صرف چالان ڏنا آھن باقي ڪڻڪ ناهي ملي اگر ڪنري مان معياري ڪڻڪ جي ڪوٽا ملي ته ڪڻڪ کڻنداسين. ٻي صورت ۾ احتجاجن چڪيون بند ڪنداسين.
0 تبصرے