جهڏو ۾ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو، ڪلو 130 رپين ۾ وڪرو، انتظاميا خاموش تماشائي

جهڏو ۾ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو، ڪلو 130 رپين ۾ وڪرو، انتظاميا خاموش تماشائي

جهڏو(رپورٽر)جهڏو ۾ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو، ڪلو 130 رپين ۾ وڪرو، انتظاميا خاموش تماشائي جهڏو تعلقي ۾ انتظامي نااهلي سبب ڪڻڪ جي اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن غريب پورهيت طبقي کي سخت پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جهڏو شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم اٽي جي چڪين ۽ ريزڪي دڪانن تي اٽو 125 کان 130 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سرڪاري اگهن تي ڪنٽرول مڪمل طور ختم نظر اچي رهيو آهي. اٽي جي قيمتن ۾ بنا جواز واڌ سبب روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ پورهيت، هاري ۽ گهٽ آمدني وارا خاندان ٻه وقت جي ماني لاءِ پريشان آهن. ڪيترن ئي غريب خاندانن لاءِ انساني بنيادي ضرورت حاصل ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي خاندان بک ۽ فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان جهڏو جي رهواسين اياز کوسو، محب ڀيل، سارنگ ڀٽي ۽ ٻين ٻڌايو ته واپارين ۽ اٽي چڪي مالڪن ملي ڀڳت ڪري هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ اٽي جي اگهن ۾ هٿرادو اضافو ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته واپارين آبادگارن کان ڪڻڪ 2 هزار کان 22 سئو رپيا في مڻ جي حساب سان خريد ڪئي هئي جيڪا واپارين وڏي مقدار ۾ پنهنجي گدامن ۾ ذخيرو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هاڻي اها ئي ڪڻڪ مهانگي اٽي جي صورت ۾ پنهنجي مرضي جي اگهن تي وڪرو ڪري عوام سان ظلم ڪيو پيو وڃي. رهواسين موجب اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ گهٽ اجرت سبب پورهيت طبقو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته اٽي جي اگهن ۾ اضافي هنن جي زندگين کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪيترائي خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ٻئي طرف جهڏو تعلقي جي انتظاميا، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ خوراڪ کاتي جا عملدار مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهن. نه ڪا باقاعده چيڪنگ ٿي رهي آهي، نه ئي ذخيرو اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي، جنهن سبب واپاري بي خوف ٿي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. جهڏو جي رهواسين سنڌ سرڪار جي اعلي اختيارين ڪمشنر توڙي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ناجائز ذخيرو ڪيل ڪڻڪ کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙ واپارين ۽ اٽي چڪي مالڪن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن غريب عوام کي رليف ملي سگهي.