چوهڙ جمالي // دادو ۾ پوليس هٿان بيگناھ قتل ڪيل نادر خان جمالي جي قتل خلاف شاهبندر تعلقي جي جمالي برادري سول سوسائٽي جسقم ۽ جسم پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
دادو ۾ پوليس هٿان قتل ڪيل نادر خان جمالي جي بيگناھ قتل خلاف شاهبندر تعلقي جي جمالي برادري سول سوسائٽي جسقم ۽ جسم پاران منير آڪاش جمالي اياز آخوند عبدالشڪور جمالي ڏاڏا جمالي رحيم بخش جمالي نظير جمالي محمد جمالي محبوب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پراڻي نيشنل بئنڪ کان چوهڙ جمالي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ايس ايچ او دادو قربان قمبراڻي ۽ بينظير جمالي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پوري سنڌ ۾ پوليس سياسي ماڻهن جي ونگار وهي رهي آهي بيگناھ ماڻهن کي سياسي چرچ تي قتل ڪيو وڃي ٿو سنڌ پوليس سياسي ماڻهن ۽ ڀوتارن جي بڇ تي ڪيترائي نوجوان بيگناھ قتل ڪري ڇڏيا آهن نادر خان جمالي پنهنجي علائقي جو معزز ۽ معتبر ماڻهو هو جنهن کي جڊيشنل جج جي چرچ تي پوليس بيگناھ قتل ڪيو آهي سندس قتل ۾ ملوث سمورن ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري نادر جمالي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ايس ايچ او قربان قمبراڻي سي آئي اي انچارج بينظير جمالي کي فوري طور تي گرفتار ڪري قتل ڪيس جي عدالتي جانچ ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ جمالي برادري ۽ سول سوسائٽي پاران جو سلسلو جاري رکيو ويندو
0 تبصرے