English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ آبپاشي کاتي جي بيلدار جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
views
|
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)آبپاشي کاتي جي بيلدار محمد شريف لاشاري پنهنجي ساٿين سان گڏ عوامي پريس ڪلب ٺٽو تي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ايس ايڇ او مڪلي انور شر 16 آگسٽ 2025 تي سندس رهائش گاھ جيلاني ھائوس مڪلي تي وڏن پوليس دستن سان ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين لاپتا ڪري ڇڏيو۔محمد شريف لاشاري موجب سندس عزيزن عدالت ۾ درخواست ڏني، جنهن تي سندس بازيابي لاءِ عدالت سڳوري جي معزز جج مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا۔ بعد ۾ 19 آگسٽ 2025 تي پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ رمانڊ جي درخواست ڪئي، پر عدالت رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو۔بيلدار الزام لڳايو ته گرفتاري دوران کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڇاپي دوران سندس 2025 ماڊل 125 موٽر سائيڪل، ٻه توله سون، ٽي چانديءَ جون منڊيون، پنجاهه هزار رپين جي قيمت جو انفنڪس موبائل فون، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊيوٽي ڪارڊ به پوليس ساڻ کڻي وئي۔محمد شريف لاشاري ايس ايس پي ٺٽو، ڊي آئي جي حيدرآباد، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي، سندس خلاف داخل مبينه ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي، ايس ايڇ او خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سندس سامان کيس واپس ڏياريو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ٺٽي ۾ آبپاشي کاتي جي بيلدار
0 تبصرے