گهارو جي اي سي آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح

وڻ انسان جي بقا لاءِ نهايت ضروري آهن، وڻ لڳائڻ سان ماحول خوبصورت بڻجي ٿو: نبي بخش سولنگي

گهارو جي اي سي آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي اي سي آفيس گهارو جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو باقاعدي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نبي بخش سولنگي ڳالهائيندي چيو ته وڻ انسان جي بقا لاءِ نهايت ضروري آهن، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو ماحول خوبصورت بڻجي ٿو پر آلودگي ۾ به گهٽتائي اچي ٿي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران تعلقي سطح تي وڻڪاري مهم زور شور سان جاري آهي، جنهن جو مقصد علائقي کي سرسبز ۽ صاف ستھرو بڻائڻ آهي. هن شهرين، شاگردن ۽ سماجي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو به هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي، جيئن ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ماحول پيدا ٿي سگهي. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته وڻ اسان جي حياتيءَ جا محافظ آهن تنهن ڪري هر شهري کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور لڳائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ سرسبز بڻجي سگهي.