عمرڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جي 83هين يوم شهادت جي حوالي سان تقريب منعقد

عمرڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جي 83هين يوم شهادت جي حوالي سان تقريب منعقد

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن عمرڪوٽ پاران عمرڪوٽ جي جناح پارڪ ۾ امام انقلاب شهيد سورھيه بادشاھ جي 83هين يومِ شهادت جي موقعي تي هڪ عظيم ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي ۽حر جماعت سان تعلق رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلسي ۾ حر تحريڪ جي تاريخ، جدوجهد ۽ قربانين کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو، تقريب ۾ جن ۾ مير امان الله ٽالپر جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن شهيد سورھيه بادشاھ جي جدوجهد کي برصغير جي وڏي انقلابي تحريڪ قرار ڏنو،جلسي کي خطاب ڪندي مير امان اللہ ٽالپر چيو ته پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد سورھيه بادشاھ جي جدوجهد سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، جنهن ۾ حق، سچ ۽ آزاديءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ويون، هن چيو ته حر تحريڪ صرف هڪ سياسي يا علائقائي تحريڪ نه هئي، پر اها برصغير ۾ ظلم، جبر ۽ غلامي خلاف هڪ وڏي فڪري مزاحمت هئي، جنهن انگريز سامراج کي به للڪاريو، سورھيه بادشاھ جي شخصيت اهڙي هئي جنهن نوجوان عمر ۾ به قوم کي شعور، جرئت ۽ قرباني جو درس ڏنو، جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عبداللہ فاروق منڱريو چيو ته شهيد سورھيه بادشاھ رڳو هڪ شخصيت نه پر هڪ مڪمل فڪر ۽ تحريڪ جو نالو آهي، جنهن برصغير جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکيو، هن چيو ته حر تحريڪ جي جدوجهد ان وقت جي سڀ کان منظم ۽ مضبوط تحريڪن مان هڪ هئي، جنهن ۾ قرباني، وفاداري ۽ مزاحمت جا بي مثال مثال ملن ٿا، سورھيه بادشاھ پنهنجي نوجواني ۾ ئي اهو ثابت ڪيو ته قيادت عمر سان نه پر فڪر، جرئت ۽ اصولن سان ٺهندي آهي، ڊاڪٽر عبداللہ فاروق منڱريو وڌيڪ چيو ته تاريخي طور تي ڏسجي ته حر تحريڪ ۾ عورتن، مردن ۽ نوجوانن جيڪا قرباني ڏني، اها ڪنهن به تحريڪ کان گهٽ نه هئي، هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته ان تاريخ کي صرف ياد نه رکون پر ان مان سبق وٺي موجوده دور جي مسئلن کي سمجهون، لال مالهي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سورھيه بادشاھ صرف 34 سالن جي عمر ۾ ظلم خلاف مزاحمت جو وڏو مثال قائم ڪيو، هن چيو ته انگريز سامراج خلاف “وطن يا ڪفن” جو نعرو تاريخي حيثيت رکي ٿو، ۽ حر تحريڪ تي ٿيندڙ ظلم، بمباري ۽ مارشل لا ان جدوجهد کي روڪي نه سگهيا، هن موجوده سياسي صورتحال تي به ڳالهايو ۽ چيو ته عوامي حقن، روزگار، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ناانصافيون وڌي رهيون آهن، جنهن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، فقير غلام نبي منڱريو چيو ته سورھيه بادشاھ هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ هو، جيڪو مظلومن جي آواز بڻيو، هن چيو ته دنيا ۾ جتي به ظلم ٿيندو، حر جماعت هميشه ان سان گڏ بيهڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿي، ۽ پير پاڳارو جي فلسفي تي عمل ئي اصل نجات جو رستو آهي، اسد جمال پلي لياقت جوڻيجو، ايم ايس ايف صوبي سنڌ جو صدر محسن ھنڱورجو، دوست محمد ميمڻ اشرف پلي ، ميهار بنگلاڻي، حاجي ساند، نياز آريسر فقير محب منڱريو ايڊووڪيٽ علي حسن منڱريو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سورھيه بادشاھ جي تحريڪ برصغير جي اهم ترين آزاديءَ جي تحريڪن مان هڪ هئي، ان تحريڪ ۾ حر جماعت جي قربانين، قيد و بند، ۽ مزاحمت تاريخ جو روشن باب آهن انهن وڌيڪَ چيو ته حر تحريڪ نه صرف سنڌ پر پوري خطي ۾ ظلم خلاف جدوجهد جو نشان بڻجي چڪي آهي، ۽ نوجوان نسل کي ان فڪر ۽ فلسفي سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، جلسو وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري رهيو، جتي شرڪت ڪندڙن شهيد سورھيه بادشاھ کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندس فلسفي تي عمل ڪرڻ جو عزم ورجايو .تقريب ۾ ايم ايس ايف جي نوجوانن حر جماعت سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي