فوتي جي سڃاڻپ خدا بخش عرف بادشاهه سومرو طور ٿي، لاش اسپتال منتقل
مورو (رپورٽر) مورو شھر جي ٻانڌي روڊ ريلوي لائن طرف کان نوجوان جو لاش مليو جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ مورو شھر جي وارڊ نمبر 23 جي ڳوٺ درس جي رھواسي خدا بخش عرف بادشاھ پٽ علي حسن سومرو طور تي ڪئي وئي آھي. ان موقعي تي فوت ٿيندڙ نوجوان جي ڀاءُ شھمير سومرو ٻڌايو تہ ڀاءُ مورو شھر ۾ ڪپڙي جي دوڪان تي بيٺل آھي ٻه ڏينھن ٿيا ھئا نه ويو ھو اڄ قسط جا پئسا کڻي نڪتو معلوم ناھي انھي پاسي ڪيئن ويو آھي ۽ ڪھڙي ريت فوت ٿيو آھي جنھن جي جانچ ڪئي وڃي اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي. جڏھن تہ ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر اطلاع تي مورو اسپتال پھتو جتي ھن وارثن کان تفصيل ورتا ۽ چيو تہ مختلف رخن جانچ ڪئي ويندي. ڊاڪٽر نديم صالح لانگاھ جو چوڻ آھي تہ نوجوان کي ڪٿي ڪو ڌڪ جو نشان ناھي صرف نرڙ ۽ نڪ کان رھڙن جو آھي ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو جي حڪم تي پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي جنھن جا جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويندا جنھن کانپوءِ سموري حقيقت معلوم ٿيندي تہ موت جو ڪيئن واقع ٿيو آھي.
0 تبصرے