آغا سراج دراني پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هڪ عظيم سرمايو هئا، جنهن آخر تائين پارٽي سان نڀايو: شرجيل انعام ميمڻ

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين پاران آغا سراج دراني جي وارثن سان تعزيت

آغا سراج دراني پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هڪ عظيم سرمايو هئا، جنهن آخر تائين پارٽي سان نڀايو: شرجيل انعام ميمڻ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) سينيئر وزير شرجيل إنعام میمڻ ۽ ٻين پي پي پي اڳواڻن ڳڙھي ياسين پھچي ، آغا سراج دراني جي وفات تي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي.شڪارپور سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل إنعام میمن، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ء جيل خانه جات حاجي علي حسن زرداري، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي ، ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ، ۽ ايم پي ايز امداد پٽافي ۽ سراج قاسم سومرو ڳڙھي ياسين پھچي مرحوم آغا سراج خان دراني جي وارثن سان تعزيت ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سينيئر وزير شرجيل إنعام میمن چيو ته آغا سراج دراني پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هڪ عظيم سرمايو هئا، جن زندگي جي آخري ڏينهن تائين پارٽي سان وفاداري ۽ وابستگي برقرار رکي. “انهن جي پارٽي لاء قرباني ھميشه ياد رکي ويندي ء سندس وڇوڙو ناقابلِ برداشت نقصان آهي، پر سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست لاءِ به وڏو خاسارو آهي ھن چيو ته آغا سراج دراني دشوارين ۽ قيد و بند جي تڪليفن کي همت سان منهن ڏنو، پر پنهنجي اصول پسند موقف تي ڪڏهن به سمجھوتو نه ڪيو. “سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر طور هن دور ۾ هن شاندار ڪردار ادا ڪيو ۽ قيادت سان مخلص رھيو غير قانوني ڌاري آبادڪاري جي سلسلي ۾ سوال تي، سينيئر وزير چيو ته پاڪستان جي سمورن علائقن سميت سنڌ ۾ به غير قانوني آبادڪاري خلاف ڪارروائي جاري آهي گذريل حڪومت دوران سياسي انتقام بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ سياسي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ آغا سراج دراني به شامل هئا، ۽ انهن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. “پي پي پي اڳواڻن هميشه عدالتن ذريعي قانوني جدوجهد ڪئي ۽ آئيني طريقن سان انصاف طلب ڪيو.