English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
افغان بستيءَ ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن، گهر ڊاهڻ دوران پٿرا۽ فائرنگ: 3 زخمي، 4 گرفتار
53 views
|
16th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
انتظاميه پاران گهر ڊاهڻ لاءِ ڪيل آپريشن دوران رهواسين ۽ پوليس ۾ چڪريون، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) افغان بستيءَ تي شروع ڪيل آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو جتي انتظاميا پاران گهر ڊاهڻ جي ڪوششن دوران پوليس ۽ ماڻهن ۾ سخت جهيڙن جا واقعا ٿيا. پٿرا، لوهي شيخون جو استعمال ۽ هوائي فائرنگ به ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن ته 4 ڄڻن کي پ گرفتار ڪيو ويو انتظاميا جو چوڻ هو ته جڏھن انتظاميا گهر خالي ڪرائڻ ۽ ڊاهڻ جوجو عمل شروع ڪيو ته مقامي ماڻهن احتجاج ڪندي مزاحمت ڪئي ۽ رستا بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران ماحول سخت تڪراري بڻجي ويو ان موقعي تي ماڻهن طرفان پٿرائو ڪرو ويو ۽ پوليس به ڪنٽرول لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار ٿيلن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ايس ايس پي اولھ طارق الاهي مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هي سرڪاري زمين آهي، آپريشن ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. خالي گهرن کي هر صورت ۾ ڊاهيو ويندو. جيڪي ماڻهو آپريشن ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا تن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي پاسي، مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي افغان خاندان پنهنجا ڪچا گهر ۽ جھونپڙيون ڇڏي ويا آهن پر دعويٰ آهي ته اصل رڪاوٽ قبضا مافيا ۽ لينڊ گريبرز وجهي رهيا آهن، جيڪي هن زمين تي پنهنجا مفاد بچائڻ چاهين ٿا سماجي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته جبري بي دخلي ۽ بغير متبادل رهائش فراهم ڪرڻ متاثر خاندانن سان ناانصافي آهي، جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. انهن چيو ته حڪومت کي صرف آپريشن ۽ زمين خالي ڪرائڻ بدران شفاف پاليسي، سماجي بحالي ۽ بي گهر ٿيلن لاءِ مستقل بندوبست ڪرڻ گهرجي، ته جيئن شهر ۾ وڌيڪ بحران پيدا نه ٿئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
افغان بستي
0 تبصرے