عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو 12 مزدور بازياب

بازياب ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل، عدالت پاران کين مرضي سان زندگي گهارڻ جي اجازت

عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو 12 مزدور بازياب

عمرڪوٽ (ڊ ر) عدالتي حڪم تي عمرڪوٽ تعلقه ٿاڻي جي پوليس فقير عبدالله اسٽاپ ڀرسان سرور پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل مزدورن کي بازياب ڪرائي ورتو، ڇاپو ليلو پٽ چندر ڪولهي جي ڏنل درخواست تي سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي هنيو ويو، پوليس ڪارروائي دوران 12 مزدورن کي بازياب ڪرايو ويو، جن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، بازياب ڪرايل مزدورن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سرن جي بٺي مالڪ سرور پٺاڻ کين سخت پورهيو ڪرائيندو هو، کاڌ خوراڪ مناسب نه ڏيندو هو ۽ حساب ڪتاب به نه ڪندو هو، هنن چيو ته بٺي تي تشدد ۽ ذلت ڀريو سلوڪ ڪيو ويندو هو، جنهن کان تنگ ٿي عدالت جو در کڙڪايو، تعلقه ٿاڻي جي پوليس بازياب ڪرايل مزدورن کي سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت آڏو پيش ڪيو، جتي عدالت سڳوري سڀني کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو حڪم جاري ڪيو.