ڄاڻايل جوابدار خميس جي رات گهر مان چوري ڪري ويا، ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن: شخي محمد
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي ) شخي محمد ولد عبداالله شيخ رھائشي ترڪي ڪالوني غلام الله روڊ عوامي پريس ڪلب ٺٽو پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ھو ٻچن جي پيٽ گذر لا۽ ور شھر ۾ سيلون تي حجامڪو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آھي ھن جو چوڻ آھي تهڪجھ ٽائيم پھريان شير ولد عثمان شيخ، سائين بخش عرف مور ولد محمد عيسی شيخ، اسحاق ولد محمد عيسی شيخ وارن سندس گھرواري کي مار ڪٽ ڪئي جنھن جي ھنن چونڪي پوليس ترڪي تي مٿين جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري آئي سندس والد ۽ ڀاء جي وچ ۾ اچڻ ڪري گرفتار جوبدار ڇڏرايا ان کان پوء اھي جوبدار ھن کي ڌمڪيون ڏيندا رھيا تازو وري خميس جي رات ترڪي جي گھر مان گھر جو سمورو سامان ٻھاري کڻي ويا آھن جنھن جي ھنن چونڪي پوليس ترڪي تي اين سي داخل ڪئي آھي بااثر ماڻھن جي فونن اچڻ کان پو۽ پوليس جوبدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري رھي آھي ھن ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کي ھٿ ٻڌي اپيل ڪندي مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته مٿين جوابدارن سندس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي گھر مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي سندس فيملي کي تحفظ فراھم ڪري انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے