English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ايس پي ايس سي پاران ميرٽ جي مبينا لتاڙ خلاف سياف جي احتجاجي ڪئمپ قائم
views
|
18th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ايس پي ايس سي سدائين اھل نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو آھي جيڪو ھاڻ برداشت نه ڪبو: اڳواڻ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سياف) مرڪز جي سڏ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) پاران مبينه طور ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن خلاف احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ سياف ضلعو عمرڪوٽ طرفان 18 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ڪيمپ ۾ شاگردن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ڪيمپ ۾ سياف مرڪزي صدر امر آڪاش لاکو، جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنهور، نائب صدر ارسلان آريسر، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي صدر گل بجير حاجي ساند سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪري شاگردن کي خطاب ڪيو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريءَ جو اهم ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آهي، پر حڪمرانن جي سهڪار سان هي ادارو ڪرپشن جو گڙھ بڻجي ويو آهي، ميرٽ کي مڪمل طور لتاڙيو ويو آهي ۽ سفارش ۽ پئسن عيوض نوڪريون وڪرو ٿي رهيون آهن، جنهن سبب اهل نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪر ناانصافيون بند نه ڪيون ويون ته سنڌ جا نوجوان مجبور ٿي سخت قدم کڻندا، شاگرد اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته پيپلزپارٽي سرڪار جي ڪرپٽ پاليسين سبب SPSC ۾ نااهل ڪامورا ڀرتي ٿيا آهن، جيڪي ادارن کي تباه ڪري رهيا آهن، هنن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته مايوس ٿيڻ بدران ناانصافي خلاف گڏيل جدوجهد ڪن ۽ SPSC کي شفاف ادارو بڻائڻ لاءِ تحريڪ جو حصو بڻجن، احتجاجي ڪيمپ ۾ قومي راڳي عباس فقير پنهنجي گيتن ذريعي شاگردن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، جڏھن تہ ڪيمپ جي اڳواڻي سياف زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ صدر راجا سوڻيڪي، اياز مري، فراز قاصر، صبغت الله، شاهد ساند، اسد سولنگي ۽ ٻين ڪئي، ڪيمپ ۾ سياف ڪارڪنن سميت مختلف شاگرد تنظيمن پاران پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي وئي، شاگردن ۽ اڳواڻن هڪ آواز ٿي ميرٽ جي بحالي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ۾ ايس پي ايس سي
سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن
0 تبصرے