آچار سالار ڳوٺ جي معذورن ۾ 3 ڀائر علي شير جوکيو، ثناءُ الله، عطاءُ الله جوکيو توڙِ ڪيتريون ئي عورتون به شامل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي آچار سالار ڳوٺ ۾ غربت، بيماري ۽ بي وسي سبب 20 کان وڌيڪ معذورن جي زندگين ۾ درد ۽ مايوسي پکڙجي ويئي آهي معذورن ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت ڪيترائي معصوم شامل آهن جيڪي علاج نه ٿيڻ سبب اذيت ناڪ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن انهن ۾ ڀائر علي شير جوکيو، ثناءُ الله جوکيو، ۽ عطا الله جوکيو سميت 20 کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن جيڪي معذوري سبب هلڻ، ڳالهائڻ ۽ عام زندگي گذارڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويا آهن. سندن والدين غربت جي سبب پنهنجن ٻارن جو علاج ڪرائڻ کان لاچار ٿي سرندي وارن جي مدد جس منتظر آهن معذورن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان بکون ڪاٽي رهيا آهيون، اولاد معذور آهي، نه علاج لاءِ پئسا آهن ۽ نه ئي کاڌ خوراڪ لاءِ وسيلو موجود آهي. حڪومت ڪا مدد نه ڪئي ته اسان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.نوجوان عباس شاهه شيرازي، ڪامران جوکيو، نصيران جوکيو، شهلا جوکيو سميت ڪيترائي معصوم معذوري سان وڙهي رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته اسين ڳالهائي سگهون ٿا، پر جسم لاچار ٿي ويو آهي، هڪ معمولي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ به اسان وٽ پئسا ناهن. علاج ممڪن آهي، پر غربت سبب موت جي انتظار ۾ ويٺا آهيون.ڳوٺ واسين حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته ترت امداد فراهم ڪئي وڃي، انهن معذور انسانن کي علاج مهيا ڪيو وڃي ته جيئن اهي به عام انسانن وانگر زندگي گذاري سگهن.
0 تبصرے