English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ پ پ اڳواڻ امتياز شيخ جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ گڏجاڻي
49 views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ٿي گذري تفصيل موجب اڄ پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ٿي. جنهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيمه، چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت، ڊي آئي بي انچارج شاهجهان شاهه، پراونشل بلڊنگ ڊويزن سکر دانو مل، اَي اِي اين، پراونشل بلڊنگ سب ڊويزن شڪارپور آفتاب علي انصاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ شڪارپور ڊاڪٽر ذوالفقار علي مهر ۽ ٺيڪيدار معصوم شاهه گڏجاڻيءَ ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ گڏجاڻيءَ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي دوران ڪيٽل ڪالوني جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ضلعي انتظاميا ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، امتياز احمد شيخ چيو ته واڙا شهر ۾ هجڻ جي ڪري اسڪولن جا ٻار، عورتون توڙي شهري سخت متاثر هئا هاڻي ان مصيبت مان شهرين کي نجات ملندي، هن چيو ته واڙا ٻاهر منتقل ڪرڻ منهنجو مشن هو، جيڪو هاڻي پورو ٿي رهيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ چارديواري جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ان بعد باقي ڪم شروع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
پ پ اڳواڻ امتياز شيخ
0 تبصرے