سنڌ ڌرتي هيمشه امن ڀائچاري جو محور رهي آهي، سنڌ ڌرتي منفردن رواين جي امين ڌرتي آهي انهن رواين مان هڪ روايتن ۾ هڪ روايت سنڌ جون اوطاقون ۽ ان ۾ ٿيندڙ ڪچهريون به آهن،سنڌ جي سرزمين ۾ مان سمجهان ٿو ته اهڙو ڳوٺ نه هوندو جتي اوطاق نه هجي،ڪٿي پڪيون ته ڪٿي جهوپڙي نما ڪچيون اوطاقون هميشه مهمانوازي جون مرڪز رهيون آهن،اوطاقن ۾ پيل کٽون ۽ انهن تي رکيل ڀرت پريل وهيڻا ۽ چٽ سالي واريون جهرڪيل رليون اوطاقن جي خوبصورتي جي سڃاڻپ هونديون هنيون،پر افسوس اڄ اجڙيل سنڌ جيان سنڌ جون اوطاقون به ويران نظر اچي رهيون آهن،جن اوطاقن ۾ ٽهڪ گونجندا هئا اهي اوطاقون خالي پيل آهن جن ۾ سالن کان ڪوبه مهمان نه آيو آهي مان سنڌ جي سموري اوطاقن جي ڳالهه نه ٿو ڪيا پر گهڻي ڀاڳي سنڌ جون اوطاقون ويران آهن،سنڌ جون اوطاقون، جنهن کي درس گاهه جي اهميت حاصل هئي جن کي خوشي غمي ۽ سياسي تحريڪن جو اوڀار سمجهي ويندو هيو اتي اڄ هر طرف ويراني ڇانيل آهي،سنڌ جي سڃاڻپ مهمانوازي رهي آهي جتي جا پوڙها جهونا اڄ به انهن اوطاق کي ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويهن ٿا،جن اوطاقن ۾ رات جي وقت جا ٽهڪ، ڏور بيت، شاهه جي شاعري،ڳجهارتون ۽ اهي جهون پوڙها پنهنجي دور جي قصن ۽ ڪهاڻِين سان ماحول کي مهڪائي ڇڏيندا هئا اتي اڄ اهي اوطاقون خالي پيل آهن جتي چٽ سالي جهڪريل ڀريل ڀرت رليون وڇايل ۽ وهاڻا مهمان جي آمد ۽ آجيان لاءِ رکيا ويندا هئا ان اطاقن ۾ سالن کان سال ڪو مهمان نه آيو آهي جنهن سان روح رهاڻ ڪجي جنهن سان ويهي اسر ويل تائين ڪچهريون ڪجن،سنڌ جتي مهمان لاءِ سنڌي گيهه سان مکيل مانيون گهاٽيون لسيون ڌونرا پيش ڪيا ويندا هئا اهي صرف هاڻي ماضي جا قصا ڪهاڻيون بڻجي ويا آهن،جديد وقت جي ڦرندر ڦيٿي سنڌ جو سرزمين تان سموريون خوشيون کسي ورتيون آهن،مان اڄ به ڪنهن جهونڙي سان ويهندو آهيان ته کائونس سندس زماني ۾ سنڌ جا حال احوال معلوم ڪندو آهيان يقين ڪيو ڇا ته هنن جي ڳالهين ۾ سرور هوندو آهي ڇا ته انهن ڳالهين سان اندر کي سڪون ملندو آهي جنهن جو لفظي بيان ڪرڻ تمام گهئو مشڪل آهي،سنڌ جون اوطاقون جتي ننڍڙن کان ويندي هر عمر جا ماڻهو پنهنجي وڏڙن جون ڪچهريون ٻڌندا هئا جنهن ڪچهري دوارن سندن نسلن جي تربيت ٿيندي هئي،پر جئين وقت ڪلاٽيون کاڌيون ان سان گڏ سنڌ جون اوطاقون ۽ انهن ۾ ٿيندڙ ڪهچريون ٽهڪ سڀ ان وقت جي نظر ٿي ويا،هن وقت جديد دور آهي دنيا ۾ سائنس ترقي ڪئي آهي موبائل انٽرنيٽ جو وقت آيو جنهن جي اچڻ سان چاهتن جا سمورا چنڊ ڪڏهوڪا لهي چڪا آهن،چاهه جي چادرن کي ويڙهي انهن جهون پوڙهن ويڙهي سنڀالي رکي ڇڏيو آهي جيڪي سندن ماضي جي يادگيريون جو حصو بڻجي ويون آهن،سنڌ مان مهمانوازي ختم ناهي ٿي پر ان جا آداب ۽ انداز ضرور تبديل ٿيا آهن جيڪي ماضي جي ڀيٽ منفرد ضرور آهن پر انهن ۾ اهي چاهتون پيار محبتون ناهن،هن جديد دور هر انسان کي الجهائي ڇڏيون آهي،جديد ٽيڪنائوجي سمورا آداب کسي ورتا آهن،اڄ جي نوجوان ۽ ماضي جي نوجوان ۾ زمين آسمان جو فرق نظر اچي رهي رهيو آهي،اڄ هن دور ۾ موبائيل فون جي وڏي اهميت حاصل آهي،موبائل فون جتي انسان ذات لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون پيدا ڪيون آهن، مفاصلا ۽ ويڇا گهٽايا آهن، اتي سندس ڪيترائي نقصان به آهن، غير ضروري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، هروقت موبائل سان چنبڙيل هجڻ جي ڪري صحت جو متاثر ٿيڻ جا معاملا ته الڳ ڳالهه آهن پر نوجوان طبقي ۾ موبائل جي ڪري الائي جي ڪيتريون سماجي بيماريون ڦهيلجي رهيون آهن،فون جي استعال سان پوڻ فائده ڏسنداسين ته ان جي ڀيٽ ۾ فون سان پوندڙ هايڃڪار اثرات جي ڊگهي ۽ طويل لسٽ نظر ايندي جهڙوڪ فون تي رابطو ٿيڻ بعد گهران ڀڃي پيار جا پرڻا ڪرڻ،هڪ ماڻهو جو ٻئي ماڻهو کان دوکو کائڻ،ڏوهن ۾ هر وڌندڙ اضافو سڀ کان وڌيڪ ڃاهيڪار اثر نوجوانن جو موبائل جو غيرمعياري استعال آهي،انسان جي نئي تلاش ڪرڻ فطرت آهي جنهن ڪري انسان شروعات کان وٺي اڄ تائين بهتر جي ڳولا ۾ پاڻ کي مصروف رکيو اچي ،هڪ وقت هو جڏهن جنگيون هٿن سان وڙهيون وينديون هيون، پوءِ تير، ڪمان ۽ تلوارون هٿن ۾ آيون ۽ اڄ انسان انسان کي تباهه ڪرڻ لاءِ ايٽمي هٿيار به ٺاهيا آهن، اڳئين زماني ۾، خطن ذريعي پيغام پهچائڻ جو عمل اڃا به وڌيڪ ڏکيو هو ۽ رابطي لاءِ ڪبوتر استعمال ڪيا ويندا هئا پر اڄ واٽس اپ، انسٽاگرام، ٽيلگارام،فيس فڪ جو دور اچي ويو آهي،اڳي جتي راندين ۾ وجهنوٽي،ملهه،ٻيلهاڙا وڙهيا ويندا هئا اڄ جي دور ۾ پبجي،فري فائر،لوڏو ۽ ٻين گيمن ۾ نوجوان مشغول نظر ايندا آهن،خاص طور جي پبجي نوجوان نسل جي تباهي جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ رهي آهي، ڪيترائي نوجوان انهي راند دوران ذهني مريض بڻجي ويا آهن،موبائل فون جي غلط استعمال نه رڳو ٻارن، نوجوانن ۽ پوڙهن کي پرعورتن ۽ شاگردن کي به مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي موبائل فون تي نظر رکڻ کان سواءِ ٽيڪسٽ ڪرڻ ۾ مصروف آهن.گهر ۾ جيڪي فرد آهن سمورا موبائل ۾ مصروف نظر ايندا ڪو به ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي هوندو پٽ الڳ فون تي مصروف نظر ايندو ته پيءُ الڳ ماءُ الڳ مصروف نظر ايندي ته ڌي الڳ،ملطب ته فون کي جتي فائيمند سمجهيو ويندو آهي اتي انهي موبائل فون نقصان به گهڻا ڏنا آهن مونکي ياد آهي جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون،رات جو سمهڻ مهل ڏاڏي پوڙهي جي پاسي ۾ سمهي ان کان ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌندا هئاسون هاڻي رات جو سمهڻ مهل اسان جي ٻارن وٽ ڪنهن به ڪهاڻي جو انتظار ناهي. سندن والدين جا هٿ موبائيل سنڀالڻ ۾ پورا آهن. اڄ اهي قصا ۽ ڪهاڻيون هن دور ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن پر انهن کي هاڻي پڙهڻ وارو ڪير ناهي،بادشاهن راڻين جون ڪهاڻيون اڄ به نوجوانن کان ڪير پڇي ته ڏسي اهي ڪرادر نوجوان کي سواءِ کل ڀوڳ جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو،اهي ڪهاڻيون قصا ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارا ناهن رهيا،هاڻي اسان اهڙي نسل جي تياري ۾ رڌل آهيون، جن کي آکاڻين بدران وڊيو گيم ۽ موبائل ۾ مصروف ڪري ڇڏيو آهي..
0 تبصرے