شڪارپور ويجهو ڳوٺ عظيم تيغاڻي ۾ تيغاڻي -بجاراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مرڻينگ

شڪارپور  ويجهو ڳوٺ عظيم تيغاڻي ۾ تيغاڻي -بجاراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مرڻينگ

شڪارپور (احسان ابڙو)شڪارپور ويجهو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عظيم تيغاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري 50 ورهين جو حمزه پٽ ٻيڙو تيغاڻي شديد زخمي ٿي پيو زخمي کي وارث علاج لاء خانپور اسپتال کڻائي آيا خانپور اسپتال ۾ معياري طبعي سهولتون نه هجڻ ڪري زخمي کي نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي واقعي جي اين سي ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي داخل پوليس پاران واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي خانپور اسپتال ۾ زخمين جي وارثن جو چوڻ هيو ته خانپور اسپتال ۾ ايمرجنسي طور تي زخمي ٿيل ماڻھن لاء ڪا به معياري سهولت ناهي متاثرين جو وڌيڪ چوڻ هيو ته جڏهن به خانپور اسپتال ۾ ڪوئي مريض ايمرجنسي ۾ کڻي اچون ٿا ته ڊيوٽي تي موجود عملو فارملٽي طور تي چيڪ اپ ڪرڻ بعد فوري طور تي ريفر ليٽر ڏئي اسپتال مان ڪڍي ڇڏين ٿا جيڪو ظلم ۽ ناجائزي آهي متاثرين صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسپتال ۾ صحت جي حوالي سان ايمرجنسي طور تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.