ملير (عبدالرشيد مورجھريو) عثمان دائود گوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران، عورتون ۽ ٻار ڏوراهن علائقن کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور تفصيل موجب ملير جي صوبائي تڪ PS-87 جي يونين ڪائونسل چشما ڳوٺ جي عثمان دائود گوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جتي گذريل ٻن مهينن کان پاڻيءَ جو ڦڙو به ملن ڏکيو ٿي پيو آهي علائقي
واسين جت برادري جون عورتون ۽ ٻار روزانو ڪيترائي ڪلوميٽر پري بنگالي برادري جي گهرن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن علائقي جي سماجي اڳواڻ محمد بخش جت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها افسوسناڪ صورتحال ان وقت پيش اچي رهي آهي جڏهن محرم الحرام جو مهينو هلندڙ آهي ۽ هتي جوم حالتون ڪربلا جي ياد ڏيارين ٿيون ھن چيو ته افسوس جو مقام آهي ته ڪراچي جي هن گوٺ ۾ به اڄ به ساڳيو ظلم ورجائي رهيو آهي هن چيو ته چونڊن جي موسم ۾ بااثر وڏيرا ۽ سياسي نمائندا جت برادري جا ووٽ وٺڻ لاءِ هر در تي پهچڻ ٿا پر جڏهن عوام جا مسئلا ٿين ٿا ته پوءِ اهي سڀ غائب ٿي وڃن ٿا نه ڪوچيئرمين نظر اچي ٿو، نه وائس چيئرمين۽ نه ئي PS-87 جو چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي حال پڇڻ ٿا سماجي اڳواڻن اعليٰ اختيارين، بلدياتي ادارن ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته عثمان دائود گوٺ جي رهواسين کي فوري طور تي صاف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے