English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران زنجير پائي احتجاج
views
|
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
رڪ سنڌي، امتياز کوهارو، عادل علي بالاچ، علي جان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم ڪارڪنن زنجير پائي منهن تي ڪاريون پيٽون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. قومي ڪارڪنن فيصل مستوئي، عزيز ڀنگوار، سرمد سنڌي، مهراڻ ميراڻي سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، امتياز کوهارو، عادل علي بالاچ، علي جان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منهن تي ڪاريون پيٽون ٻڌي زنجير پائي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي قومي ڪارڪنن فيصل مستوئي، عزيز ڀنگوار، سرمد ميراڻي، مهراڻ ميراڻي سميت ٻين ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز پبلڪ پارڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون: سهيل اختر عباسي
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۽ ڀرپاسي برساتن بعد مڇرن جو آزار وڌي ويو، ڳوٺاڻا پريشان
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي: اياز لطيف پليجو
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ڊي سي آفيس ڀرسان وڻ وڍجي ويا، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڪيس داخل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
قومي ڪارڪنن
جسقم ڪارڪنن
رڪ سنڌي
0 تبصرے